تهران/اسلام آباد/واشنگٽن/صنعا (ويب ڊيسڪ) ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ هاڻي پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهي آهي. يمن جي حوثي باغين پهريون ڀيرو اسرائيل تي ميزائل حملي جي تصديق ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جوابي ڪارروائي طور آمريڪا پنهنجو هڪ ٻيو وڏو جهاز بردار بحري ٻيڙو ”يو ايس ايس جارج ايڇ ڊي ٻيٽ“ وچ اوڀر ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي، پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان اهم ملاقات جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڳالهين ۽ نئين ”ڊيل“ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.
خطي جا ملڪ سلامتي چاهين ٿا ته پنهنجي سرزمين ايران جي دشمنن کي استعمال ڪرڻ لاءِ نه ڏين: مسعود پزشڪيان
ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته خطي جا ملڪ جيڪڏهن ترقي ۽ سلامتي چاهين ٿا ته پنهنجي سرزمين ايران جي دشمنن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ايران حملن ۾ اڳرائي نٿو ڪري، پر جيڪڏهن ايران جي بنيادي ڍانچي يا اقتصادي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ايراني صدر جو چوڻ آهي ته خطي جا ملڪ ترقي ۽ سلامتي چاهين ٿا ته پنهنجي سرزمين ايران جي دشمنن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين.
ٽرمپ دنيا جي سڀ کان وڏي جهاز بردار سامونڊي ٻيڙي تي ايراني حملي جي تصديق ڪري ڇڏي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي جهاز بردار سامونڊي ٻيڙي جيرالڊ تي ايراني حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران دنيا جي سڀ کان وڏي جهاز بردار ٻيڙي کي 17 مختلف رخن کان نشانو بڻايو.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران جو حملو ڏاڍو شديد هو، جهاز تي موجود ماڻهو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ لڳا.
يمني حوثين جو والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوجي ٿاڪن تي حملو
يمن جي حوثي گروپ چيو آهي ته هنن اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ والاريل اولهندي ڪناري جي ڏاکڻن علائقن ۾ اسرائيلي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.
حوثي گروپ جو چوڻ آهي ته حملو لبنان، ايران، عراق ۽ فلسطين ۾ شهرين جي شهادت ۽ بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي ردعمل ۾ ڪيو ويو آهي، هدف حاصل ٿيڻ تائين ڪارروائيون جاري رهنديون.
حزب الله طرفان اسرائيل خلاف پهريون ڀيرو زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو استعمال
عرب ميڊيا موجب، لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله بيروت ۾ اسرائيلي جنگي جهاز تي زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، حزب الله پهريون ڀيرو زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل استعمال ڪيو آهي.
حزب الله جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج خلاف 80 کان وڌيڪ ڪارروائيون ڪيون ويون آهن.
ايران معاهدو چاهي ٿو، اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ ان جو ڪو نتيجو به نڪرندو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ڊيل چاهي ٿو، اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ ان جو ڪو نه ڪو نتيجو ضرور نڪرندو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران کي آبناءِ هرمز وارو لنگهه کولڻو پوندو، ايران هاڻ ڪڏهن به جنگي جنگي جهاز نه ٺاهي سگهندو، اسان ايراني نظام جي خطري کي ختم ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن ايران وٽ ايٽم بم هجي ها ته اهو اسرائيل خلاف استعمال ڪري سگهي پيو.
ان کانپوءِ ميامي ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ان (ايران) کي اسٽريٽ آف ٽرمپ کولڻي پوندي، پوءِ چيو ته منهنجو مطلب هرمز آهي، معاف ڪجو، مون کان غلطي ٿي وئي، ميڊيا هاڻي ان تي به تبصرا ڪندو.
ٽرمپ چيو ته هن هميشه چيو آهي ته نيٽو ڪاغذي شينهن آهي، اسان هميشه نيٽو جي مدد ڪئي پر هنن ڪڏهن به اسان جي مدد نه ڪئي، اها انهن جي وڏي غلطي آهي، نيٽو جي ابتڙ سعودي عرب، قطر، يو اي اي، بحرين ۽ ڪويت مدد ڪئي ۽ وڙهيا.
ايران اسرائيل تي ڪلسٽر بمن جو مينهن وسائي ڇڏيو، ڪويت ۾ آمريڪا جا 6 سامونڊي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ايران اسرائيل تي ڪلسٽر بمن ذريعي حملو ڪيو، جڏهن ته ڪويت ۾ آمريڪا جا 6 بحري جهاز تباهه ڪرڻ ۽ دبئي جي سامونڊي ڪناري ۽ هوٽل تي حملا ڪري ڪيترن آمريڪي فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
روسي ميڊيا موجب، تل ابيب ۾ گهڻ ماڙ عمارتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ميزائل اسرائيلي فضا ۾ داخل ٿيندي ئي سائرن وڄڻ لڳا، جنهن کانپوءِ ماڻهو شيلٽرز ۾ وڃڻ تي مجبور ٿي ويا.
اسرائيل ڪلسٽر بمن جي حملي ۾ هڪ ڄڻي جي مارجڻ ۽ ٻن زخمين جي تصديق ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب، ڪويت جي الشويخ بندرگاهه تي آمريڪا جي ڇهنٽيڪٽيڪل جهازن کي نشانو بڻايوويو.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 3 جهاز سمنڊ ۾ ٻڏي ويا جڏهن ته ٻيا 3 سڙي رهيا آهن.
پاسداران انقلاب موجب ”وعده صادق 4“ آپريشن تحت دشمن تي حملي جي 84هين لهر ۾ دبئي جي سامونڊي پٽي ۽ هڪ هوٽل ۾ آمريڪي اهلڪارن کي آپگهاتي ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو.
ايراني اختيارين موجب، ٻنهي حملن ۾ ڪيئي آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن.
سعودي عرب جي علائقي الخرج ۾ پرنس سلطان ايئربيس کي به نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جتي ري فيولنگ ۽ ايئرسپورٽ فليٽ کي هدف بڻايو ويو.
سعودي عرب پاران ميزائل ۽ ڊرون ڪِرڻ وارن هنڌن جون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي
سعودي گهرو کاتي حملي وارن هنڌن جي رپورٽنگ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
گهرو کاتي موجب، ميزائل ۽ ڊرون ڪِرڻ وارين جاين جون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي آهي.
سعودي کگهرو کاتي جو چوڻ آهي ته اهڙي ڄاڻ ڦهلائڻ تي قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ۽ ذميوارن خلاف ترت ايڪشن ورتو ويندو.
گهرو کاتي اِهو به چيو آهي ته اهڙو ڪو به مواد پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو ملڪي سلامتي کي متاثر ڪري سگهي.
ايران جو سعودي عرب ۾ پرنس سلطان ايئربيس تي ميزائل حملو، ڪيترن آمريڪي ري فيولنگ جهازن کي نقصان
ايران سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئربيس تي ميزائل حملو ڪيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، هن حملي ۾ آمريڪا جا ڪيترائي ري فيولنگ جهاز متاثر ٿيا.
هڪ آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته ايراني حملي۾ 12 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا، جن مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ٻئي پاسي ايراني ٽي وي موج، 3 ڪنٽينر جهازن جي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
ايراني نيوي موجب، مختلف ملڪن جا 3 ڪنٽينر جهاز واپس موٽايا ويا.
توهان ايران جي بنيادي ڍانچي تي حملا ڪيا، هاڻي جواب جو انتظار ڪريو: ايراني ڪمانڊر اسرائيل کي خبردار ڪري ڇڏيو
پاسداران انقلاب ايران جي ايرو اسپيس سربراهه جنرل ماجد موسوي تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل ايران جي انفرا اسٽرڪچر تي حملو ڪيو آهي.
جنرل ماجد موسوي چيو ته توهان اسان کي اڳ به آزمائي چڪا آهيو، دنيا اوهان کي ٻيهر باهه سان کيڏندي ڏسي رهي آهي، هن ڀيري اوهان ايران جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو آهي، هاڻي جواب جو انتظار ڪريو.
هن خبردار ڪيو ته هن ڀيري اک جي بدلي اک وارو معاملو نه هلندو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي اعلان باوجود اسرائيل ايران جي توانائي ڍانچن تي حملو ڪيو.
اسرائيل ايران جي هڪ بجلي گهر، ٻن اسٽيل فيڪٽرين ۽ هڪ سول نيوڪليئر ٿاڪ کي نشانو بڻايو.
ٽرمپ جي اعلان باوجود اسرائيل جو ايراني توانائي ڍانچن تي حملو
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان باوجود اسرائيل ايران جي توانائي ڍانچن تي حملو ڪيو.
اسرائيل ايران جي هڪ بجلي گهر، ٻن اسٽيل ڪارخانن ۽ هڪ سول نيوڪليئر ٿاڪ کي نشانو بڻايو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اسرائيلي حملي جي تصديق ڪندي چيو ته اسرائيل جي دعويٰ آهي ته اهي حملا آمريڪا سان رابطي کانپوءِ ڪيا ويا.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران اسرائيلي ڏوهن جي وڏي قيمت اوڳاڙيندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ٽرمپ ايران جي توانائي پلانٽن تي حملو 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.