زيب ڪنگو جي غزلن جو مجموعو”ديد جو درشن“

منظور کوسو

سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپيل زيب ڪنگو جو شعري مجموعو”ديد جو درشن“منهنجي مطالعي هيٺ آهي، هن شعري مجموعي ۾ به سڀئي درد ۽ ڪيفيتون اظهاريل آهن ڪٿي ديد جا درشن، ڪٿي پرينءَ جي نهار، ته ڪٿي هجر ۽ وصال جون آهون، انسانيت جا درد، ماڻهپي جو زوال ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهھ! غزل جو اهو شعر جنهن مان لفظ کڻي ڪتاب جو عنوان بڻايو ويو آهي اهو ڪجهھ هن ريت آهي، جنهن ۾ زيب چئي ٿو ته،

روز تنهنجي ديد جو درشن ڪيان،

روز پنهنجي قلب کي روشن ڪيان،

هٿ چمي تنهنجي ڪجي بيعت اچي

ڇونه من منڪر وري مومن ڪيان۔

ديد، قلب، بيعت ۽ مومن ٿيڻ جو تمام خوبصورت اظهار! !

177صفحن تي ٻڌل هن مجموعي ۾ غزلن جو هڪ اهڙو جهان وکريو پيو آهي جنهن ۾ زندگيء جا سڀيئي رنگ ڀريا ويا آهن۔ هيٺن ٻن سٽن ۾ سماج جي اخلاقي زوال کي اهڙو ته قلمبند ڪيو اٿائين جو ڇا ڳالھه ڪجي،

هي زمانو ڪمال تي پهتو،

ماڻهپو پر زوال تي پهتو۔

تڏهن ئي ته چيو ويو آهي ته نثر جي پستڪ تي شاعري جون ٻه سٽون ڀاري آهن۔ هڪ طرف سائنس ۽ ٽئڪنالاجي ۾ ڪمال حاصل ڪندڙ انسان ته وري ٻئي طرف اسان ڏسون ٿاته ماڻهن مان ماڻهپو ڇڏائي ويو آهي جئين ڀٽائي صاحب فرمايو آهي

”آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو

هاڻي کائي سڀڪو، سندو ماڻهو ماس“۔

بيحد مادي ترقي جي باوجود سماج اخلاقي زوال ڏانهن ڌوڪيندو پيو وڃي ۽ اسان جهڙا سماج بک، بيمارين، بدامني ۽ بي حسي جو شڪار آهن ۽ انسانيت جا دعويدار ابن آدم جي مارڻ تي اربين کربين ڊالر خرچ پيا ڪن ۽ هن سڄي درد مان نجات لاءِ ٻن سٽن ۾ تمام سهڻو ڏس ڏنو اٿائين،

بغض انسان ذات مان نڪري !

ڏک سڄي ڪائنات مان نڪري!

قوم کي سنئين دڳ تي لائڻ بدران پنڻ جو هيراڪ بڻائيو ويو آهي، جنهن درد جو اظهار زيب هنن سٽن ۾ ڪري پيو،

ٿيو اسانجو ته حال اهڙو،

پنن نياڻيون، ڪري قطارون۔

هر شاعر جي عشق جي ابتدا ۽ انتها”سنڌو“ ان سان محبت جو اظهار هن ريت پيو ڪري،

سنڌوءَ جي محبت جو الزام آهي،

ڪيڏو خوبصورت هي انعام آهي۔

زيب پنهنجي شاعري ۾ لفظن جي چونڊ ۽ احساسن، جذبن ۽ ڪيفيتن جو تمام خوبصورت اظهار ڪيو آهي۔ هن شاعري گهڙي نه آهي پر هن کان شاعري ٿي وئي آهي ۽ اهوئي هن جي شاعري جو حسن آهي۔ جيئن هي سٽون شاعر جي اندر مان ڦٽي نڪتيون آهن،

ها پرين جي نهار ۾ هوندس،پو وڏي ڪنهن قرار ۾ هوندس۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.