” هي ملڪ خلاف سازش آهي“ پي ٽي آءِ باني جي پٽن جي بيان تي شرجيل انعام ميمڻ جو سخت ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ باني جي پٽن سان منسوب جي ايس پي پلس اسٽيٽس خلاف بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي قومي مفادن خلاف خطرناڪ سازش قرار ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهڙا بيان ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳا ناهن، ڇو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس پاڪستان جي معيشت لاءِ اهم سهارو آهي ۽ لکين ماڻهن جي روزگار سان ڳنڍيل آهي.
هن چيو ته سياسي مقصدن لاءِ اهڙا بيان ڏيڻ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عوام سمجهي رهيو آهي ته ڪيئن ڪجهه ڌرين ملڪ خلاف مهم هلائي پئي وڃي، اهڙو عمل ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.