ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صوبي ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پشين جي علائقي برشور ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته اڄ برشور کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو آهي، هاڻي ترقي جا مرحلا طئي ڪيا ويندا ۽ هتي سرڪاري ادارن کي مضبوط بڻايو ويندو.
هن چيو ته سڀ بند اسڪول کوليا ويندا ۽ ماڻهن کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جيڪڏهن ڪنهن ذميواري نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي ته ان کي سزا به ڏني ويندي.
وڏي وزير چيو ته هو بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويندو رهندو ۽ پنهنجي ماڻهن وچ ۾ وڃڻ کان کيس ڪو به روڪي نٿو سگهي.
افغانستان بابت سرفراز بگٽي چيو ته افغانستان اسان جو برادر پاڙيسري ملڪ آهي، اسان 40 سالن تائين افغان ڀائرن جي خدمت ڪئي پر ان جو سٺو صلو نه مليو، جڏهن ته افغان شهري اسان جا مسلمان ڀائر آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جو دفاع محفوظ هٿن ۾ آهي، فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي موجودگي ۾ ڪو به اسان جي هڪ انچ زمين کي نقصان نٿو پهچائي سگهي ۽ نه ئي اسان ڪنهن کي نقصان پهچائڻ ڏينداسين.
وڏي وزير سرفراز بگٽي ان موقعي تي ايران تي حملن بابت اسرائيل جي سخت مذمت پڻ ڪئي.
You might also like