تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ دشمن جهازن جي اچ وڃ روڪڻ ايران جو قانوني حق آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته آبناءِ هرمز ۾ موجوده عدم استحڪام آمريڪي ۽ اسرائيلي اڳرائيءَ جو نتيجو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران جا لاڳاپيل ادارا آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي محفوظ چر پر بابت پنهنجين ذميوارين کان واقف آهن ۽ ضروري قدم کڻي چڪا آهن.
آبناءِ هرمز ۾ دشمن جهازن کي روڪڻ اسان جو قانوني حق آهي“ ايران جو گڏيل قومن کي جواب
You might also like