ايران آپريشن وعده صادق 4 جي 83هين لهر پاڪستاني عوام جي نالي ڪري ڇڏي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران آپريشن وعده صادق 4 جي 83هين لهر پاڪستان، جرمني ۽ اسپين جي عوام جي نالي ڪري ڇڏي، ايراني فوج طرفان جاري ڪيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ايراني ميڊيا موجب، جاري ڪيل وڊيو ۾ اسرائيل تي تازن حملن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه ميزائلن تي جرمن، هسپانوي ۽ پاڪستاني عوام جي يڪجهتي جي اظهار تي ٿورا ادا ڪيا ويا آهن.
ايراني فوج موجب، آپريشن وعده صادق 4 جي 83هين لهر ۾ علائقي ۾ موجود آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي ۽ ٻارڻ جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.