اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽرول سبسڊي لاءِ ايپ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن تحت موٽر سائيڪل ۽ رڪشا مالڪن لاءِ ماهوار 20 ليٽر پيٽرول جو ڪوٽا تجويز ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت توانائي بحران ۽ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي گهٽ آمدني وارن شهرين، خاص طور موٽر سائيڪل ۽ رڪشا مالڪن لاءِ پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي.
حڪومتي هدايتن تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت شفاف ورڇ لاءِ هڪ خاص موبائل ايپ تيار ڪئي آهي، جيڪا هن وقت آزمائشي مرحلي ۾ آهي.
هن پروگرام سڄي ملڪ جي 12 هزار پيٽرول پمپن کي موبائل ڊوائيسز ڏنا ويندا ۽ سبسڊي لاءِ مخصوص نوزلز لڳايا ويندا ته جيئن حقدارن تائين سستو پيٽرول پهچي سگهي.
شهري ايپ ڊائونلوڊ ڪري پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر ۽ گاڏي جو رجسٽريشن نمبر داخل ڪندا، جنهن کانپوءِ سسٽم پاڻمرادو طريقي سان کين پيٽرول جو ڪوٽا الاٽ ڪندو.
اختيارين موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ اضافي قيمتن جو ٻوجهه وڏن واهپيدارن تي وڌو ويندو، جڏهن ته غريب طبقي کي هن ايپ ذريعي تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته 800 سي سي تائين گاڏين کي شامل ڪرڻ بابت اڃا صلاح مشورا جاري آهن، حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
موبائيل ايپ ذريعي موٽر سائيڪل وارن کي ماهوار ڪيترا ليٽر پيٽرول ملندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا
Next Post
You might also like