اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪويتي ولي عهد ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪئي.
وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب، ڪويتي ولي عهد وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪيو.
بيان موجب، ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪويت تي ٿيل حملن جي مذمت ڪئي ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪويتي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڪويتي قيادت کي وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو.
بيان موجب، ڪويتي ولي عهد پاڪستاني وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيندي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي.
هن موجوده بحران ۾ ڪويت جي حمايت تي پاڪستان جو ٿورا مڃيا، ولي عهد حالتون بهتر ٿيندي ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڪويتي ولي عهد جو شڪريو ادا ڪندي کيس پڪ ڏياري ته پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.
ڪويتي ولي عهد جو وزيراعظم سان رابطو، آمريڪا-ايران ٽياڪڙي لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي حمايت
You might also like