قاسم خان جي تڪراري بلوچ اڳواڻ سان گڏ پروگرام ۾ شرڪت، نئون بحث ڇڙي ويو

جنيوا(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽ قاسم خان جنيوا ۾ ٿيل هڪ پروگرام ۾ پاڪستان مخالف بلوچ نيشنل موومينٽ جي تڪراري اڳواڻ سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو، جنهن کانپوءِ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي ۽ سندس سرگرمين ۽ لاڳاپن بابت بحث شروع ٿي ويو آهي،قاسم خان يونائيٽڊ نيشنز هيومن رائٽس ڪائونسل  جي سائيڊ ايونٽ ۾ بلوچ نيشنل موومينٽ جي اڳواڻ نسيم بلوچ سان گڏ خطاب ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳالهايو ۽ پنهنجي والد عمران خان جي قيد جو معاملو پڻ اٿاريو۔سوشل ميڊيا تي سامهون آيل وڊيوز ۽ رپورٽن موجب ٻنهي شخصيتن جي گڏيل شرڪت تي مختلف حلقن پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي۔ناقدن جو چوڻ آهي ته هڪ اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ طرفان عالمي فورمز تي اهڙن عنصرن سان گڏ ويهڻ حساس معاملو بڻجي سگهي ٿو۔ هي پيش رفت اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ان کان اڳ به قاسم خان جي ڪجهه تڪراري  شخصيتن سان ملاقاتن جون خبرون اچي چڪيون آهن، جن ۾ عارف آجاڪيا سان ملاقات به شامل آهي، جنهن تي به سخت تنقيد ٿي هئي۔ٻئي طرف ڊاڪٽر نسيم بلوچ پنهنجي خطاب ۾ بلوچستان بابت پنهنجو موقف ورجايو ۽ انساني حقن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو، جنهن کي سوشل ميڊيا جي وڏي انگ هن گڏيل موجودگي کي پاڪستان مخالف لابنگ قرار ڏنو آهي۔سياسي ۽ تجزياتي حلقن موجب اهڙي قسم جون سرگرميون نه رڳو ملڪ جي اندروني سياسي بيانيي کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، پر عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ سفارتي مفادن تي به اثر وجهي سگهن ٿيون، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ اڳ ئي مختلف سفارتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.