ڀارت اڄ پاڪستان جي ڪردار تي ڇو سڙي رهيو آهي؟ :ڀارتي اپوزيشن

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شنڪر پاران پاڪستان خلاف ڏنل غير مهذب ۽ غير سفارتي بيان تي ڀارت اندر ئي سخت تنقيد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڀارتي اپوزيشن اڳواڻن ۽ تجزيي نگارن جئي شنڪر جي بيان کي سفارتي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان،  آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڀارت عالمي منظرنامي تان غائب آهي. ڪانگرس جي ترجمان ڊاڪٽر شمع محمد چيو ته ايران سان ڳالهين لاءِ پاڪستان جو چونڊجڻ مودي حڪومت جي شڪست آهي. ڪانگرس ميمبر سپريا شري نيٽي ۽ پون کيڙا سوال اٿاريا ته جيڪڏهن اڄ پاڪستان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته پوءِ روس يوڪرين جنگ ۾ مودي جي ٽياڪڙي واري دعويٰ کي ڪهڙو نالو ڏنو وڃي؟ مشهور تجزيي نگار اشوڪ سوائن جئي شنڪر جي ٻولي کي گٽر جي ٻولي قرار ڏيندي چيو ته اهڙا لفظ ڪنهن پرڏيهي وزير کي زيب نٿا ڏين. عالمي ماهرن موجب، خليجي بحران ۾ ڪو به ڪردار نه ملڻ تي ڀارتي وزير پريشاني جو شڪار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.