آبپاشي جي لحاظ کان دادو ڪئنال سنڌ جو اهو ڪئنال آهي جيڪو درياهه سنڌ مان سکر وٽان نڪري ٿو لاڙڪاڻي دادو کان ٿيندو ڄامشورو ضلعي جي سيوهڻ لڳ پڇڙي جي صورت ۾ ختم ٿئي ٿو۔ هن تاريخي ڪئنال جي پاڻي تي وونئڻ ڪڻڪ ڪمند سميت مختلف تيلي ٻجن وارا فصل سايون ڀاڄيون انب ليمان زيتون جوار ٻاجهري به پوکي ويندي هئي اڃا به پوکي وڃي ٿي۔ سارين تي بندش هجڻ سميت پوء به ساريون پوکيون وڃن ٿيون جنهن ڪري ڪئنال جو قيمتي پاڻي ضايع ٿي ٿو جنهن لاءِ آبپاشي کاتو زراعت کاتو ۽ انتظاميا بيوس نظر ايندي آهي جو سارين جو فصل طاقتور طبقو وڌيڪ پوکي ٿو جنهن کي جهل ۽ پل ناهي هوندي جڏهن ساريال فصل لاءِ رائيس ڪئنال موجود آهي۔
دادو ڪئنال جي پاڻي تي سکر لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ اوائلي دور جون ڍنڍون هونديون هيون جن مان مڇي حاصل ٿيندي هئي لوڙه بهه پٻڻ پوکبي هئي هن وقت زمينداري ڍنڍون ڪجهه وڌيڪ آهن جنهن ڪري اهي به دادو ڪئنال جو پاڻي استعمال ڪن ٿا البته باغن جو رواج ختم ٿي چڪو آهي ڪو هڪ اڌ باغ هجي ته ٻي ڳالهه آهي نه ته اڪثر باغ ختم ٿي اتي ٻيا فصل پوکيا وڃن ٿا يا اتي رهائشي ڪالونيون جڙي چڪيون آهن۔ دادو جا نجم باغ ريجهو مل باغ سيٺ شمس الدين باغ ۽ موندر ناڪي وارو جمالين جو باغ هن وقت ڪالونين جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن۔ دادو شهر جي آس پاس ساين ڀاڄين جون زمينون هونديون هيون جتان کائڻ لاءِ صاف سٿريون سايون ڀاڄيون سستي اگهن تي ملنديون هيون جيڪي هاڻ ناهن رهيون۔ هاڻ ڪجهه هنڌن تي مرچ ۽ بصر پوکجن ٿا سي به پنجاب ڏانهن وڪرو ٿين ٿا۔ جنهن جو اهو به ڪارڻ آهي ته درياهه سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب دادو ڪئنال کي گهٽ پاڻي ملي ٿو جنهن سان باغات ۽ ڀاڄين جي پئداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن سان هڪ ته غربت ۾ واڌ ته ٻئي پاسي ساين ڀاڄين ۽ مختلف ميون جا اگهه وڌي ويا آهن۔ دادو ڪئنال مان نڪرندڙ خيرپورناٿن شاهه ۽ جوهي تعلقن کي سيراب ڪندڙ جوهي بيراج به تباهه حال ٿي پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي جنهن جي پڇڙي به سوڪ جو شڪار آهي جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي هوندو اٿس تنهن تي به طاقتورن جو قبضو آهي سي ئي فصل پوکين باقي عام آبادگار هٿوراڻيون پيو ڏئي اهوئي سبب آهي جو جوهي تعلقي ۾ غربت ڪر کڻي چڪي آهي۔ هن بيراج تي پئدا ٿيندڙ سارين ڪڻڪ پٻڻ بهن جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ڍنڍون ڍورا ته هاڻ رهيا ئي ناهن۔
دادو ڪئنال کي پنهنجو اوج ۽ سونهن هوندي هئي جو سکر کان سيوهڻ پڇڙي تائين ٻنهي پاسن کان ٽالهي نم ٻٻر جا وڻ ڪنارن سان ڇٻر ۽ بهترين ٽاپ هوندي هئي جتان ماڻهن جو گذر ٿيندو هو ڀرپاسي جا ماڻهو پڪنڪ جي لحاظ کان ايندا ويندا هئا هڪ خوشگوار ماحول ڏسڻ وٽان ملندو۔ ٽاپ تي مقرر بيلدار به انجنيئرن وارو روب تاب رکندا هئا۔ مجال جو اتان ڪا جيپ يا ٻي سواري گذري بنا دير سامهون اچي ڪري انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٽاپ کان هيٺ لاهي ڇڏيندا هئا هاڻ نه اهي ٽاپون رهيون آهن نه بيلدار ۽ داروغا۔ نه وڻ رهيا آهن نه ڇٻرون سڀ وڍجي ويا آهن، ڪئنال جا ٻئي پاسا پنهنجي سونهن وڃائي ويٺا آهن۔
سکر کان شروع ٿيندڙ هي ڪئنال شهرن جي گندگي جو شڪار ٿي چڪو آهي۔ نه انجنيئر نظر ايندو نه وري بيلدار ۽ داروغو۔ ڪئنال جون ٽاپون مالوند ماڻهن ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن وڃي وسايون آهن قبضا ڪري جايون اوطاقون ٺاهيون اٿن۔ ڪٿي ڪٿي ته ڪئنال اندر به رنڊڪون وجهي پاڻي جي وهڪرن لاءِ رڪاوٽون وجهي ڇڏيون آهن۔ رڳو دادو شهر وٽان گذرندڙ ڪئنال ڀرسان ڪنهنجو ڪو گذر ٿئي ۽ مشاهدو ڪري ته وهندڙ پاڻي مڪمل طور آسپاس جي گندگي سان وهندي نظر ايندو ڪئنال ۽ مان نڪرندڙ شاخن ۾ مال متاع وهجندي نظر ايندو جن جي ڪري ڪئنال ۽ انجي شاخن جا سيمنٽيڊ ڪپر اجڙي تباهه ٿي چڪا آهن۔ ڪئنال ۽ انجون شاخون لٽجي چڪيون آهن پاڻي جاوهڪرا رڪجڻ سبب پڇڙي تائين پاڻي پهچڻ ممڪن ناهي۔ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جون موج مستيون آهن جو اهي هر سال ڪروڙين رپيا فنڊ ڪئنال ۽ شاخن جي ڪپرن جي بحالي ۽ صفائي لاءِ وٺي خرچ ڪن ٿا۔ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري زمينون بنجر ٿي چڪيون آهن وڏا ۽ طاقتور ماڻهو اهڙيون زمينون ڀڳڙن مٺ وٺي آباد ڪري رهيا آهن جو انهن کي پڇڙي ۾ به پاڻي مليو وڃي۔
جيئن دادو ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جو وجود اهو ناهي رهيو اهڙي طرح دادو ضلعي ۾ آبپاشي کاتي جو وجود به باقي ناهي رهيو وڃي انجنيئر بچيا آهن۔ آبپاشي کاتي جا پراڻا ۽ تاريخي ريسٽ هائوس به ڀڄي ڀري تباهه حال ٿي چڪا آهن جن تي ماڻهن جا قبضا آهن يا وري پارڪ ٺهيا آهن۔ دادو جي اوائلي دور جو ريسٽ هائوس جتي وقت جا صدور وزيراعظم وزير وڏا وڏا وفد ايندا هئا انهن جو تو ڪو به وجود ناهي رهيو۔ دادو واري ريسٽ هائوس ۾ وقت جو صدر جنرل محمد ايوب خان وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پرنس آغا خان پاڪ فوج جا اعلي آفيسر رهي چڪا آهن۔ اهڙن ريسٽ هائوسن کي تاريخي درجو ڏئي انهن جي بحالي ٿيڻ گهرجي ها پر افسوس نه ٿي سگهي۔ جوهي گاج پاٽ ڪڪڙ امير پير ميهڙ ۽ ٻين هنڌن تي به اهڙي قسم جا ريسٽ هائوس هئا جيڪي انگريزن جي زماني جا هئا پر اهي به هاڻ تباهي جو شڪار آهن۔ هنن ريسٽ هائوسن تي به وزير ۽ ڪامورا پهچي کليل ڪچهريون ڪندا هئا عوام جا مسئلا ٻڌندا ۽ حل ڪندا هئا۔
سنڌ جي حڪومت يا ان جا آبپاشي ڪامورا کاتي جو عروج يا دادوڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جو اوائلي عروج ۽ سونهن بحال ڪرڻ کان قاصر آهن ته ڀلي نه ڪن پر گهٽ ۾ گهٽ ڪئنال ۽ شاخن ۾ شهري گندگي ته داخل ٿيڻ نه ڏين جو انهن جو پاڻي واٽر سپلاءِ رٿائن وسيلي يا وري دلا مٽ ڀري انسان ذات به پيئڻ لاءِ واپرائي ٿو ۽ اهڙي گندگي واري پاڻي واپرائڻ سان پيٽ ۽ چمڙي جون بيماريون پئدا ٿي رهيون آهن جنهن سان اموات به ٿين ٿا جيڪا ڳالهه انتهائي تشويشناڪ آهي۔ دادو ڪئنال سميت ان مان نڪرندڙ شاخن جي ڪپرن تي ٿيل قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ انهن ۾ مال جي وهنجڻ تي چوپايو مال ضبط ڪري ڍڪ حوالي ڪيو وڃي۔ شاخن جي ڪپرن سان وڻ لڳائي ڪئنال ۽ شاخن جون رونقون بحال ڪيون وڃن۔ ڪپر مضبوط ڪيا وڃن جن تي روڊ ٺاهيا وڃن۔ جتي جتي به ريسٽ هائوس پراڻا آهن تن کي نئين سر تعمير ڪري فعال بڻايو وڃي۔