”سليڪٽرن ڪيريئر تباهه ڪيو، ڪو سڱ ڏيڻ لاءِ به راضي نه هو“ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر لڪشمڻ شيوارام ڪرشنن پنهنجي ذاتي زندگي جي ڏکئي دور تان پردو کڻي ڇڏيو.
لڪشمڻ شيوارام ڪرشنن چيو ته ننڍي وهيءَ ۾ شراب ۽ منشيات جي الزامن نه رڳو سندس ڪيريئر متاثر ڪيو پر ذاتي زندگي به سخت متاثر ٿي، ايتري حد تائين جو ڪو به خاندان مون کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.
هڪ انٽرويو ۾هن چيو ته”مان رڳو 17 سالن جي عمر ۾ ڀارتي ٽيم جو حصو بڻيس، پر 19 سالن تائين مون کي شرابي ۽ منشيات جو عادي قرار ڏنو ويو.“
هن چيو ته اهي الزام بي بنياد هئا ۽ مون ڪڏهن به منشيات استعمال نه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته والدين منهنجي شادي لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏنو، جنهن ۾ مون کي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ فليٽ جو مالڪ ظاهر ڪيو ويو، پر ٻن هفتا گذري وڃڻ باوجود ڪو به رشتو نه مليو.
ڀارتي ٽيم مان نيڪالي بابت هن چيو ته 1987ع واري ورلڊ ڪپ کانپوءِ سليڪٽرن چيو ته ميڊيا کي فٽنيس مسئلن جو سبب ٻڌايان، پر مون ڪوڙ ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو جنهن کانپوءِ مون کي ٽيم مان ڪڍيو ويو.
هن چيو ته ڪرڪيٽ کانپوءِ ڪامينٽري واري شعبي سان واڳيل رهيس، پر ڪورونا لاڪ ڊائون دوران ذهني صحت بگڙي وئي.
هن چيو ته ”مان شديد ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو هئس ۽ ننڊ لاءِ شراب واپرائڻ لڳس، ڪڏهن ڪڏهن آپگهات جو خيال به ايندو ۽ ذهني دٻاءُ سبب ڀوائتا منظر ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ ننڊ گم ٿي وئي هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته سماجي روين ۽ مسلسل تنقيد ۽ الزامن سندس ذهني حالت کي وڌيڪ خراب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.