هڪ تحقيق سان خبر پئي آهي ته رقص ڊپريشن جي علاج ۾ اينٽي ڊپريسنٽ دوائن جيترو اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
آسٽريلوي محققن موجب جاگنگ، ترڻ ۽ رقص جهڙيون ايروبڪ ورزشون ڊپريشن ۽ بيچيني جون علامتون گهٽ ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتيون ثابت ٿينديون آهن.
رڳو اهو ئي نه پر هلڪي جسماني سرگرمي، جيئن پنڌ ڪرڻ به ذهني صحت بهتر ڪري ڊپريشن جي علامتن ۾ واضح بهتري آڻي سگهي ٿو.
برٽس جرنل آف اسپورٽس ميڊيسن ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ورزش کي ڊپريشن جي روايتي علاج جي برابر اعتماد سان تجويز ڪرڻ گهرجي.
ڪوئنزلينڊ جھي يونيورسٽي جي سائنسدانن زور ڏنو آهي ته جسماني سرگرمي کي عوامي صحت جي پاليسين ۾ سائنسي طور ثابت ٿيل شروعاتي علاج ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
You might also like