بنگلاديش ۾ مسافر بس درياهه ۾ ٻڏي وئي، 24 ڄڻا فوت

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ڍاڪا جي پدما درياهه ۾ مسافر بس ڪِرڻ سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا.
بنگلاديشي ميڊيا موجب اربع جي شام اٽڪل 5 وڳي مسافرن سان ڀريل بس ان وقت بي قابو ٿي درياهه ۾ ڪِري، جڏهن ان کي هڪ فيري ۾ سوار ڪيو پيو وڃي.
بس تقريبن 30 فوٽ اونهي پاڻي ۾ ٻڏي وئي، جنهن ۾ تقريبن 50 مسافر سوار هئا، جن مان ڪجهه کي ريسڪيو ويو، جڏهن ته 24 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اختيارين موجب فوتين ۾ عورتون به شامل آهن، ڪجهه مسافر اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.