ڪراچي ۾ برسات ۽ ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.
شهر جي مختلف علائقن نارٿ ڪراچي، سرجاڻي ٽائون ۽ اورنگي سميت ٻين جاين تي هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان گرمي جي شدت گهٽجي وئي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جي سسٽم سبب اڄ ڪجهه جاين تي کنوڻ، گجگوڙ ۽ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوائن جي رفتار 40 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته شهر ۾ سڀاڻي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي کنوڻ، گجگوڙ ۽ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.