سون جي اگهه ۾ وڏي پيماني تي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 11 هزار رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 68 هزار 262 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون 9430 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک هڪ هزار 59 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 110 ڊالر گهٽجڻ سان 4455 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.