اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان ذريعي پيغامن جي صورت ۾ ڳالهيون جاري آهن.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا ايران سان 15 نڪتا شيئر ڪيا آهن، جن تي غور ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن استحڪام لاءِ پرعزم آهي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ پائيدار امن لاءِ هر ممڪن سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ترڪي ۽ مصر سميت ڀائر ملڪ به مدد ڪري رهيا آهن.
You might also like