ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) 2026 جي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي افتتاحي تقريب رد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بي سي سي آءِ اهو فيصلو 4 جون 2025 تي رائل چئلينجر بئنگلورو جي پهريون ڀيرو آءِ پي ايل کٽڻ تي ايم. چناسوَامي اسٽيڊيم ٻاهران ملهايل جشن دوران پيش آيل واقعي ۾ 11 قيمتي انساني جانين جي زيان تي احترام ۾ ڪيو آهي.
بي سي سي آءِ موجب گذريل سال 4 جون جي ڏکوئيندڙ واقعي سبب آءِ پي ايل 2026 جي افتتاحي ڏينهن (بئنگلورو ۾) ڪا به رسمي تقريب نه ٿيندي.
بورڊ اعلان ڪيو آهي ته ان ڏينهن ڪنهن به قسم جو ثقافتي يا تفريحي پروگرام نه رکيو ويندو، جيئن فوت ٿيل شهرين کي ڀيٽا پيش ڪري سگهجي.
ٻئي پاسي بي سي سي آءِ ۽ آءِ پي ايل گورننگ ڪائونسل فائنل واري ڏينهن (31 مئي) تي وڏي پئماني تي تفريحي تقريب ڪرائڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهن.
واضح رهي ته آخري ڀيرو 2019 واري آءِ پي ايل ۾ افتتاحي تقريب رد ڪئي وئي هئي، جڏهن پلواما حملي ۾ 40 سي آر پي ايف اهلڪار مارجي ويا هئا، ان وقت تقريب لاءِ رکيل فنڊ مارجي ويل اهلڪار جي خاندانن کي ڏنو ويو هو.
آر سي بي پاران 11 مداحن کي ڀيٽا پيش
هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ آر سي بي اعلان ڪيو ته هو اسٽيڊيم ۾ 11 سيٽون هميشه لاءِ خالي ڇڏيندا، جيئن ڀاڄ دوران فوت ٿيل 11 ڄڻن کي ياد رکيو وڃي.
ان کانسواءِ رانديگر ميچ واري ڏينهن پريڪٽس دوران جرسي نمبر 11 پائيندا ۽ ڪاري پٽي (بليڪ آرم بينڊ) پڻ ٻڌندا.
آر سي بي انتظاميا موجب، اهڙا قدم فوت ٿيل مداحن کي هميشه لاءِ ياد رکڻ لاءِ کنيا پيا وڃن.
You might also like