ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي سنگين الزام لڳايا آهن۔ ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو تازو بيان سياسي ناڪامي ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي۔ وفاق ۾ شراڪتدار هجڻ باوجود سنڌ حڪومت خلاف زهر اوڳاڇڻ انهن جي ٻٽي معيار جو واضح ثبوت آهي۔هن چيو ته آرٽيڪل 140-اي ۽ بلدياتي نظام جي نالي تي هي ماڻهو اصل ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي پنهنجي پراڻين ۽ ناڪام سازشن کي هوا ڏئي رهيا آهن۔ خالد مقبول صديقي ۽ سندس جماعت ٻئي عوام ۾ غير مقبول ٿي چڪا آهن۔ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي ڌرتي صوفيائن جي سرزمين آهي، ان جي ورهاست جو خواب ڏسندڙ هميشه ناڪام ٿيندا۔ اٺاويهين آئيني ترميم ذريعي مهم جوئي ڪرڻ بدران ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي،ڪراچي جا ماڻهو هاڻي انهن جي خالي نعرا ۽ لساني سياست جي ورغلائڻ ۾ نه ايندا۔هن چيو ته صوبائي خودمختياري ۽ ارڙهين ترميم تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔ ايم ڪيو ايم جا وزير وفاق ۾ ويهي مراعتون وٺي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ اچي مظلوميت جو پٽڪو ڪن ٿا، بلدياتي اختيارن جي ڳالهه ڪندڙ ٻڌائين ته جڏهن هو اقتدار ۾ هئا ته عوام لاءِ ڇا ڪيو؟هن چيو ته سنڌ حڪومت هميشه ڪراچي جي ترقي لاءِ رڪارڊ فنڊ فراهم ڪيا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم صرف لساني نفرتن کي وڌايو آهي۔ آرٽيڪل 140-اي جي تشريح پنهنجي مرضي سان ڪرڻ آئين سان مذاق آهي۔ اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جو عمل جاري آهي۔ پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جي آنچ اچڻ نه ڏيندي۔هن چيو ته سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن،وفاقي حڪومت کي گهرجي ته پنهنجن اتحادين کان پڇي ته اهي بار بار صوبائي هم آهنگي کي ڇو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم جي سياست هاڻي صرف پريس ڪانفرنسن تائين محدود رهجي وئي آهي، اسان هر اهڙي آئيني ترميم جي مخالفت ڪنداسين جيڪا سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ يا ان کي ورهائڻ جي نيت سان آندي وڃي۔