”آمريڪا ۽ اسرائيل ڏڦيڙ جي پاڙ آهن“ تل ابيب ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو احتجاج

تل ابيب (عوامي آواز رپورٽ) ڪميونسٽ پارٽي آف اسرائيل پاران ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙهيل وحشياڻي سامراجي جنگ خلاف تل ابيب جي روڊن تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي آمريڪا ۽ اسرائيل ڏڦيڙ جي پاڙ آهن ۽ اسان آمريڪي مفادن لاءِ نه مرنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي مارينداسين جهڙا نعرا لکيل هئا. مظاهرين جو چوڻ هو ته لبنان تي چڙهائي خطي ۾ رڳو نئين تباهي ۽ بربادي کڻي ايندي. انهن مطالبو ڪيو ته غزا کان وٺي بيروت تائين معصوم ٻارن جو قتل عام فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ هر محاذ تي ترت جنگ بندي ڪئي وڃي. ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ ڪنهن به صورت ۾ هار نه مڃينداسين. ياد رهي ته ڪميونسٽ پارٽي آف اسرائيل، اسرائيل جي توسيع پسندي، فلسطين ۾ غيرقانوني آبادڪاري، گروپ ايٽ (G8) جي عالمي غلبي ۽ اسرائيل ۾ ساڄي ڌر جي انتهاپسند حڪومت جي سخت مخالف آهي. مظاهري جي آخر ۾ اڳواڻن عالمي امن ۽ پورهيتن جي يڪجهتي لاءِ ”لال سلام“ جا نعرا پڻ هنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.