تهران(عوامي آواز نيوز)ايران چيو آهي ته پاڪستان اسان جو پاڙيسري آهي، اسان جا پاڪستان سان سٺا لاڳاپا آهن، ۽ اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جي نيت به سٺي آهي۔ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيلبقائي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اسان جا پرڏيهي وزير پاڙيسري ملڪن جي پنهنجن هم منصبن سان رابطي ۾ آهن۔ پاڙيسري ملڪن سميت پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن سان به ملاقاتون ٿيون آهن۔ علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن جي نيڪ نيت کي سمجهون ٿا۔ علائقائي رياستون ۽ پاڙيسري ملڪ هن صورتحال جي نتيجن تي فڪرمند آهن، ۽ هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حالتن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔ترجمان چيو ته مختلف ملڪن تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ ڳالهين لاءِ ثالثي جي آڇ ڪئي آهي۔ علائقي ۽ ٻاهرين ڪيترن ئي ملڪن ايران سان رابطو ڪيو آهي ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي۔ اسان کي اهڙين ڳالهين بابت درخواستون مليون ۽ اسان انهن جا جواب ڏنا آهن۔ اسان جو موقف واضح آهي ته اسان پنهنجو دفاع جاري رکنداسين، ۽ ايران بابت آمريڪي ۽ اسرائيلي ڳالهين کي قابلِ اعتبار نٿا سمجهون۔ترجمان موجب ايران خلاف جارحيت کان پوءِ هاڻي ڪو به آمريڪي سفارتڪاري تي ڀروسو نٿو ڪري سگهي۔ اسان اڳ به واضح ڪيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪا به باضابطه ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي۔ اسان کي آمريڪي سفارتڪاري جو انتهائي تباهه ڪندڙ تجربو ٿيو آهي، جتي 9 مهينن جي عرصي ۾ ٻه ڀيرا ڳالهين دوران حملو ڪيو ويو۔ اهو حملو ان وقت ٿيو جڏهن اسان ايٽمي مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين جي عمل ۾ هئاسين، ۽ ڳالهين دوران ايران تي حملو سفارتڪاري سان غداري هو۔هنن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڏينهن دوران ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪو به رابطو نه ٿيو آهي۔ ايراني مسلح فوجون ملڪ جي علائقائي سالميت جو دفاع جاري رکيون پيون وڃن۔ ايران آبنائي هرمز مان محفوظ گذرگاهه لاءِ فيس وصول ڪرڻ جاري رکندو، ۽ جنگي صورتحال سبب آبنائي هرمز لاءِ ڪيترائي قدم لاڳو آهن۔ آبنائي هرمز يا مسلط ٿيل جنگ جي خاتمي بابت ايران جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي۔اسماعيل بقائي چيو ته ڪجهه دوست ملڪن ذريعي آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي درخواست ڪئي آهي۔ انهن درخواستن تي ايران پنهنجي اصولن مطابق مناسب جواب ڏنو آهي، جنهن ۾ ايران جي اهم بنيادي ڍانچي تي ڪنهن به حملي جي سنگين نتيجن بابت خبردار ڪيو ويو آهي۔ واضح ڪيو ويو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ايراني مسلح فوج فوري، فيصلائتي ۽ اثرائتي جواب ڏيندي۔ ايران مغربي ايشيا ۾ آمريڪي مفادن ۽ مقبوضه علائقن ۾ اسرائيلي ٺڪاڻن تي به جوابي ڪارروائيون ڪيون آهن۔