”اڳ ۾ شرط پورا ڪيو“ ايران جنگبنديءَ جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جنگبندي لاءِ آمريڪي تجويزون رد ڪري ڇڏيون.
ايراني اختيارين موجب آمريڪي تجويزن جو جائزو وٺي انهن کي غير مناسب قرار ڏنو ويو، ايران ٽرمپ کي اجازت نٿو ڏئي سگهي ته هو جنگ جي خاتمي جو وقت مقرر ڪري ۽ ايران علائقائي ٽياڪڙ ذريعي پيغام ڏنو آهي ته پنهنجو دفاع جاري رکندو.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگ جي خاتمي جو پهريون شرط حملا روڪڻ ۽ ايراني عهديدارن جي قتل جو خاتمو آهي ۽ ايران جون دفاعي ڪارروائيون شرط پورا ٿيڻ تائين جاري رهنديون.
ايراني اختيارين موجب جنگبندي جو فيصلو رڳو ايران جي شرطن تي ٿيندو، ايران جنگ روڪڻ لاءِ ٺوس قدم ۽ ضمانت چاهي ٿو، ايران ۾ جنگ جي نقصانن جي ازالي جي ضمانت ڏني وڃي.
اختيارين چيو آهي ته ايران تي جاري جنگ ۽ خطي جي ٻين مزاحمتي گروهن خلاف جنگ روڪي وڃي ۽ آبناءِ هرمز تي ايران جي خود مختياري کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.