تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج ميزائل تي اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز جي تصوير لڳائي اسرائيل تي فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ميزائل تي ” مهرباني وزيراعظم“ سان گڏ اهو بيان به لکيو ويو جنهن ۾ پيڊرو سانچيز ايران خلاف جنگ کي غيرقانوني ۽ غيرانساني قرار ڏنو هو.
ياد رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائين کانپوءِ اسپين سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ پنهنجي فوجي اڏن کي استعمال ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
ايران طرفان اسرائيل تي فائر ڪيل ميزائلن تي اسپين جي وزيراعظم جون تصويرون! معاملو ڇا آهي؟
You might also like