ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا بشريٰ انصاري ساهرن سان پهرين عيد جا تجربا شيئر ڪيا.
ميڊيا رپورٽس موجب بشريٰ انصاري تازو هڪ خانگي ٽي وي چينل جي عيد اسپيشل شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هنن مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
هن ساهرن ۾ گذريل پهرين عيد بابت ڳالهائيندي چيو ته اتي ڪنهن به کيس اهميت نه ڏني، سندن گهرن ۾ کل ڀوڳ جو رجحان ناهي.
اداڪارا چيو ته سندن ساهرا نه کلندا هيا نه وري ڳالهائيندا هيا. ان ڪري هنن سان مزاق نه پئي ڪري متان خراب لڳي.
هنن چيو ته سندس ساهرا سٺا ماڻهو آهن بس طبعيت ۾ ٿورا خشڪ مزاج آهن.