ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي ريپر ۽ گلوڪار بادشاهه پهرين زال کان عليحدگي جي 6 سالن کانپوءِ ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جون تصويرون وائرل ٿي ويون.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، بادشاهه پهرين زال جيسمين مسيح کان طلاق جي ڇهن سالن بعد پنجابي اداڪارا ايشا رکي سان شادي ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب، ايشا رکي جي ماءُ پونم رکي انسٽاگرام تي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون، جن ۾ بادشاهه ۽ ايشا روايتي شادي جون رسمون ادا ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
ان موقعي تي تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بادشاهه کي سائو ڪرتو ۽ سُنهري پٽڪو پاتل آهي، جڏهن ته ايشا ڳاڙهي جوڙي نظر آئي.
انسٽاگرام پوسٽ تي مداحن واڌايون ڏيندي جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ادتيا پرتيڪ سنگهه سسوديا عرف بادشاهه جي پهرين شادي جيسمين مسيح سان 2020ع ۾ ٿي هئي، جنهن کان کيس هڪ نياڻي جيسيمي گريس مسيح سنگهه جو اولاد آهي، جيڪا لنڊن ۾ رهي ٿي.