پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم، آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد/تهران/تل ابيب/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن، پرڏيهي کاتي ان نازڪ صورتحال ۾ افواهن کان بچڻ ۽ سرڪاري سفارتڪاري تي ڀاڙڻ جي اپيل ڪئي آهي، سي آءِ اي جي اڳوڻن سربراهن طرفان ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪمت عملي ۽ اسرائيلي ارادن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايران طرفان اسرائيل سميت ڪويت، اردن ۽ بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، اتي تل ابيب تي ميزائلن جي برسات ۽ ڪويت ايئرپورٽ تي حملن سبب تباهي جا منظر پيش ڪري رهيا آهن.

پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزن ايران جي حوالي ڪري ڇڏيون
برطانوي خابرو اداري سينيئر ايراني ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جنگبندي لاءِ آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته تجويزن سان تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا.
ذريعن موجب، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امڪاني ڳالهين جي هنڌ بابت فيصلو اڃا ٿيڻ باقي آهي، جڏهن ته ترڪي ۽ پاڪستان ٻنهي کي ڳالهين جي امڪاني ميزبان طور غور هيٺ آندو پيو وڃي.

نيتن ياھُو لبنان ۾ به اها ئي تباهي پکيڙڻ چاهي ٿو جيڪا غزه ۾ ڏٺي وئي: هسپانوي وزيراعظم
اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھُو لبنان ۾ به اها ئي تباهي پکيڙڻ چاهي ٿو جيڪا غزه ۾ ڏٺي وئي.
اسپين جي پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي پيڊرو سانچيز چيو ته نئين ايراني سپريم قيادت پنهنجي اڳواڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت موقف رکي ٿي، جڏهن ته مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي پيءُ وانگر آمراڻي سوچ رکي ٿو ۽ هو پنهنجي والد کان به وڌيڪ سخت گير حڪمران آهي.

آمريڪي سامونڊي ٻيڙي تي مسلسل نظر کي پئي وڃي: ايراني بحريه
ايراني سامونڊي فوج جي ڪمانڊر چيو آهي ته آمريڪي بحري ٻيڙي تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي، جيڪڏهن اهو ميزائلن جي حد ۾ آيو ته ان کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

وچ اوڀر صورتحال: پاڪستان بابت ڪوڙيون خبرون به پکيڙيون پيون وڃن: پرڏيهي کاتو
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته وچ اوڀر ۽ ايراني نار جي صورتحال بابت اڳڪٿيون ۽ افواهه گردش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته پاڪستان بابت جعلي ڄاڻ به ڦهلائي پئي وڃي.
ترجمان چيو ته غير تصديق ٿيل خبرون نشر ڪيون پيون وڃن، سفارتڪاري ۽ ڳالهين ۾ رازداري لازمي هوندي آهي، تنهنڪري اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي ۽ سرڪاري اعلانن جو انتظار ڪيو وڃي.

پاسدرانِ انقلاب جي اسرائيل سميت ڪويت، اردن ۽ بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز دعويٰ ڪئي آهي ته هنن اسرائيل سان گڏوگڏ ڪويت، اردن ۽ بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي.
پاسدارانِ انقلاب موجب، هدفن کي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ دشمن جي ڳري جاني ۽ مالي نقصان پهچڻ جون خبرون آهن.

ڪويت انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي ڊرون حملو، ٻارڻ واري ٽينڪ ۾ باهه لڳي وئي
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڊرون حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ فيول ٽينڪ ۾ باهه لڳي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

اسرائيل ٽرمپ کي آيت الله خامنه کي شهيد ڪرڻ تي راضي ڪيو: اڳوڻو سي آءِ اي سربراهه
سي آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه ليون پينيٽا چيو آهي ته اسرائيل ٽرمپ کي آيت الله خامنه اي کي شهيد ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو ۽ کيس خاطري ڪرائي ان سان رجيم چينج ٿي ويندي.
ليون پينيٽا موجب، اسرائيل ۽ آمريڪا ٻنهي ان معاملي ۾ غلط اندازو لڳايو.

ٽرمپ کان وڌيڪ ايران جي ڳالهين تي يقين ڪيان ٿو: اڳوڻو سي آءِ اي چيف 
سي آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه جان برينن چيو آهي ته هو ٽرمپ کان وڌيڪ ايران جي ڳالهين تي يقين رکي ٿو.
هن چيو ته حقيقتون سامهون اچڻ باوجود ٽرمپ قبولڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پنهنجي تخليق ڪيل شڪست مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
جان برينن چيو ته ٽرمپ جو اهو موقف به درست ناهي ته ايران ڳالهين لاءِ سگنل ڏئي رهيو آهي يا آمريڪي شرطن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايراني حڪومت طرفان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.

ايران اسرائيل تي ميزائلن جو مينهن وسائي ڇڏيو، تل ابيب ملبي جو ڍير بڻجي ويو، هر پاسي تباهي جا منظر
ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل تي ميزائلن جي برسات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تل ابيب ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو آهي.
پاسداران انقلاب موجب، صيهوني ريجم جي انٽيليجنس ادارن کي والاريل علائقن ۾ نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته خيبر شڪن، عماد ۽ سجيل ميزائلن سان گڏ تباهه ڪندڙ ڊرونز استعمال ڪيا ويا.
ايراني پاسداران انقلاب موجب تل ابيب ۾ اسرائيلي فوج جي ڪمرشل، لاجسٽڪ ۽ سپورٽ مرڪزن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.