اسلام آباد(عاصمه شيرازي)جنگ ۾ هڪ اهڙو موڙ اچي چڪو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ناممڪن لڳي رهيو هو، پر هاڻي ان ۾ هڪ اهم تبديلي آئي آهي. هي تبديلي آمريڪا ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان آئي آهي. ٽرمپ ايران سان ڳالهين تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. جنگ ۾ پنج ڏينهن جو وقفو ڏنو ويو هو، پر ان دوران به جنگي خلاف ورزيون جاري رهيون. گذريل رات اسرائيل طرفان ايران جي پاور پلانٽس تي حملو ڪيو ويو، خاص طور تي خرّم شهر ۽ اصفهان ۾. ايران اڳواٽ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن انهن جي پاور پلانٽس تي حملو ٿيو ته ان جا نتيجا نار جي ملڪن ۽ اسرائيل جي پاور ۽ پاڻي جي نظام تي حملا ٿي سگهن ٿا.هاڻي صورتحال اها آهي ته هڪ طرف ڳالهين جو سلسلو هلي رهيو آهي ۽ پنج ڏينهن جو وقفو به آهي، پر ٻئي طرف اسرائيل جا حملا به جاري آهن، جيڪو ايران جي نظر ۾ هڪ قسم جي دوکي واري صورتحال آهي. پاڪستان جو ڪردار هتي تمام اهم ٿي رهيو آهي، خاص طور تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو ڪردار نمايان طور سامهون اچي رهيو آهي، جنهن کي عالمي ميڊيا به اجاگر ڪري رهي آهي،فنانشل ٽائمز کان وٺي مختلف عالمي ميگزين ۽ نيوز ادارا پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار کي اهميت ڏئي رهيا آهن، ٽرمپ 15 شرطن جو ذڪر ڪيو ۽ ايران کي ڪجهه وقت به ڏنو ويو. ان کان پوءِ تهران سان اڻ سڌن رابطن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن بعد ٽرمپ جو موقف تبديل ٿي ويو.سي اين اين جي رپورٽن مطابق، اهو موقف خاص طور تي ان وقت بدليو جڏهن خطي جي حالتن ۽ نار جي ملڪن جي تنبيهن جو اثر ٿيو،اقتصادي طور تي به اثر پيو، وال اسٽريٽ ۾ تڪڙ ۽ پريشاني ڏسڻ ۾ آئي ۽ برنٽ آئل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي. پوءِ جڏهن ايران-آمريڪا ڳالهين جي خبر آئي ته مارڪيٽن ۾ به بهتري آئي ۽ تيل جون قيمتون گهٽجي ويون. ڪجهه ذريعن موجب، خفيه رابطا به جاري آهن ۽ آمريڪا پاڪستان ذريعي ايران کي 15 مطالبن جي فهرست موڪلي آهي.اهي به خبرون آهن ته ايران پنهنجا 6 شرط پيش ڪيا آهن. ايران جي طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته هو ٻيهر جنگ نه ٿيڻ جي ضمانت چاهي ٿو ۽ پنهنجي دفاعي ۽ علائقائي خودمختياري تي زور ڏئي ٿو. ٻئي پاسي آمريڪا ايران جي جوهري پروگرام، ميزائل صلاحيتن، ۽ علائقائي اثر بابت شرط رکڻ چاهي ٿو.سي اين اين مطابق، پاڪستان، ترڪي، مصر ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ اڻ سڌي ريت سفارتي ڪوششون ڪري رهيا آهن ته جيئن جنگ بندي ٿي سگهي ۽ آبناءِ هرمز مان محفوظ آمدورفت يقيني بڻائي وڃي. پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن ۽ ٻين سفارتي ذريعن جو به ڪردار ٻڌايو پيو وڃي.ڪجهه رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات گذريل سال ۾ مضبوط ٿيا آهن، ۽ ايران سان به ڊگهي عرصي کان رابطن ۾ آهي. ان ڪري پاڪستان ٻنهي ڌرين لاءِ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.آبناءِ هرمز جو معاملو پاڪستان لاءِ به انتهائي اهم آهي، جيڪڏهن پاڪستان هن بحران ۾ ڪامياب ٽياڪڙي ڪري ٿو ۽ ٻنهي ڌرين کي هڪ ميز تي آڻي ٿو ته پاڪستان جو خطي ۾ ڪردار وڌيڪ مضبوط ۽ مثبت ٿي ويندو، پر ساڳي وقت پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو توازن برقرار رکي ۽ پاڻ کي سڌي جنگ کان پري رکي.