ڪهاڻيڪار عمران حفيظ ڳنڀير جي ڪتاب "سڀاڳي” جو اڀياس

تحرير: ساجد مسڻ

عمران حفيظ ڳنڀير جو ڳاڻيٽو سنڌ جي اهڙن ڀلوڙ ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سماج کي نت نون لاڙن، مثبت ۽ موثر طريقي سان تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهن عمران حفيظ ڳنڀير شروع کان ئي اهڙن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي جن ۾ سماجي ناانصافي، ظلم، بربريت ،ڏاڍ ،پنهنجا نوازي، ميرٽ جي لتاڙ، احساسن، جذبن، براين توڙي محرومين کي شامل ڪيو آهي.

جيتوڻيڪ هي پوليس آفيسر آهي، پر ذاتي طور کيس سماجي فلاح و بھبود توڙي علمي ادبي ڪرت سان گهري دلچسپي رهي آهي.  اها حقيقت آهي ته ٻين نوڪرين جي ڀيٽ ۾ پوليس جي نوڪري وڏو وقت وٺندڙ ۽ ذهني توڙي جسماني طور ٿڪائيندڙ نوڪري هوندي آهي، جتي هڪ پوليس آفيسر کي هن سماج جي گهڻ رخن دٻائن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، تنهن هوندي به هي نه صرف پنهنجي پوليس محڪمي ۾ ٽاپ ڪري ٿو پر ساڳي وقت هي سماج اندر ٿيندڙ لقائن، واقعن،حادثن ۽ حالتن جو باريڪ بيني سان جائزو ڪري پنهنجي قلم جي طاقت سان اسان عوام تائين سوشل ميڊيا توڙي ڪتابي صورت ذريعي پھچائي ٿو.  صاحب ڪتاب جون ڪهاڻيون ان ڪري به وڌيڪ پڙهيون ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيون جو سندس ڪهاڻين جو محور سماج ۾ ٿيندڙ نا انصافين، معاشي ۽ اقتصادي بدحالي، ميرٽ جي لتاڙ ۽ غير قانوني طور سياسي اثر رسوخ هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ زاهد اسحاق سومرو لکيو آهي، جنهن ۾ هن کليو آهي ته صاحب ڪتاب "پاڻ جهڙيون ۽ حساس ڪهاڻيون لکيون آهن”. بلڪل اها صحيح ڳالهه آهي ته ليکڪ، ڪهاڻيڪار يا شاعر حساس طبيعت جا مالڪ هوندا آهن، هو جيڪو ڏسندا آهن، انهن جي عڪاسي پنهنجي قلم ذريعي ڪندا آهن.  جڏهن ته هن ڪهاڻي جي مجموعي سڀاڳي تي ٻه اکر لکندي ضياءُ الله ڳنڀير ڪتاب جي سرجڻهار بابت حقيقت پسندانه راءِ ڏيندي لکي ٿو ته "منهنجي نظر ۾، ليکڪ عمران حفيظ ڳنڀير جو هيءُ ڪهاڻين جو مجموعو سڀاڳي هڪ ڪتاب نه بلڪ سماجي آئينو آهي”؛ اها حقيقت به آهي ته ڪهاڻيڪار جيڪو به پنهنجي اکين سان هن سماج ۾ ڏٺو آهي، ان کي گهري احساساتي ۽ جذباتي انداز سان ئي لکيو آهي.

پنهنجي پاران ۾ ڪتاب جو خالق پنهنجي اندر جي تڙپ کي هن طرح سان اظهاري ٿو ته  هو مختلف وقتن تي سوچيندو لوچيندو ۽ سماج جي بي حسي تي تڙپندو رهي ٿو ته ڪهاڻيون لکان، جنهن ۾ هو نه لکڻ جا ٻه ٽي ڪارڻ به لکي ٿو جن ۾ هڪ ڪارڻ "سٺو نه لکي سگهڻ جو ڀئو، منهنجي خيال ۾ اهو ڀئو ئي مک ڪارڻ هو”؛ ڪري لکيو آهي .  مونکي صاحب ڪتاب جي ان عاجزي ۽ انڪساري واري عمل ڏاڍو متاثر ڪيو آهي، اسان وٽ الميو اهو آهي ته هر ليکڪ پاڻ کي علمِ ڪُل عقلِ ڪُل ۽ حرفِ ڪُل واري دعوي سان خود ثنائي ۽ خود نمائي ڪندي نظر ايندو آهي.  پر ليکڪ ان قسم جي ذهني بيماري کان پري بيٺل آهي. باقي سندس ڪتاب بابت پڙهندڙ ئي فيصلو ڪندا ته ڪتاب ڪئين لکيل آهي هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي "سڀاڳي” آهي ،جيڪا هڪ نوجوان ڇوڪري جي ڪردار تي لکيل آهي، جيڪا بالغ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ جو گهر ڇڏي چاهيندڙ سان نڪري وڃي ٿي.

هي ڪهاڻي پڙهڻ سان اوهان کي عدالتي ڪاروائي وارو سڄو منظر  سامهون اچي بيهندو ڄڻ ته اوهان ڪورٽ ۾ موجود هجو ۽ سڄو لقاءُ جئين جو تئين ڏسي رهيا آهيو. "انتظار ڪهاڻي” ۾ ڪهاڻيڪار ان علائقي جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي ۽ اتان جي  واقعن، حالتن، سماجي ريتن رسمن ۽ رواجن جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي سان حيرت انگيز ۽ فڪر انگيز آهي. ڪهاڻيڪار جي مشاهداتي قوت تمام گهڻي نرالي ۽ وسيع آهي، ڪهاڻي پڙهڻ سان ڪهاڻيڪار ائين پيو محسوس ڪرائي ڄڻ ته اسان ان سڄي حقيقت کان واقف هجون، اهو سڀ ڪجهه اسان سان ٿي چڪو آهي ۽ اسان اهو منظر سڌو سنئون ڏسي رهيا آهيون.

"ڀاڙئي جي ڀيل” ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار جيڪا ڳوٺ واري حياتي، ڪاروهنوار ،ڪرت ،ٻولي (سرچا پرچا) ڪيو آهي سو ڏاڍو دلچسپ ۽ غير معمولي نموني سان ڪيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ زندگيءَ جا تلخ تجربا، غربت واري زندگي، توڪل جو ترهو ۽ عزت النفس وارا عنصر شامل آهن. هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار بي ضمير ۽ بي ظرف وڏيرڪي ڪردار کي پڻ چڱي طرح سان ننديو ويو آهي.

"ڪامريڊ فيضو فسادي” ڪامريڊ فيضو فسادي پهرين ته پنهنجي ئي پُٽُ کي سختي سان هدايت ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پرائمري استاد آهي، ان کي مخاطب ٿيندي چوي ته پٽ جيڪڏھن توکي پڙهائڻو آهي ته سچائي، ايمانداري ۽ خلوص نيت سان پڙهاءِ يا ته نوڪري ئي ڇڏي ڏي، گوسڙو ۽ نه پڙهائڻ وارو ڪم نه ڪجان! پنهنجي سنڌي قوم جي ٻارن جي  مستقبل سان نه کيڏجان، نه ئي ائين سمجهجان ته ڪو آئون ڪامريڊ فيضو فسادي ڪو پٽ آهيان ۽ بابا کان بچي ويندس.

"ذهني توازن”  ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار ٻڌائي ٿو ته ڪئين والدين جي سماجي انائن جو شڪار ٿيل ڇوڪريءَ خودڪشي ڪري ٿي، معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ ڇوڪريءَ تي اهو الزام هڻڻ ته ان جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي،وري جڏهن اها ڳالهه ان جي چاهيندڙ ڇوڪري تائين پهچي ٿي ته هو به خودڪشي ڪري ٿو ويهي، ائين مالڪن طرفان ذهني توازن جو رچايل ڊرامو پڌرو ٿي پوي ٿو.  ان ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار جاءِ واردات وارو سڄو لقاءُ ائين ئي نوٽ ڪيو آهي جئين ڪا اسان حقيقت ۾ فلم ڏسندا هجون. هيءَ ڪهاڻي هر پوليس آفيسر کي پڙهڻ گهرجي. "ماڻڪن موٽ” ڪهاڻي  سنڌ صوبي ۾ ٿيندڙ چٽاڀيٽي واري امتحان ۾  ٿيندڙ ڪرپشن، اقربا پروري نا انصافي ۽ غريب شاگردن جي ڪيل محنت جو سلو نه ملڻ کي ظاهر ڪري ٿي، ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻي ۾ ٻڌائي ٿو ته ڪئين امير ماڻهن جا ٻار لکت واري امتحان ۾ فيل قرار ڏيڻ باوجود ٻيهر ٿيندڙ امتحان ۾ ٽاپ ڪري پسند جا شعبا وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. "شاشو خان” ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار چورن جي زندگيءَ کي باقاعدگي سان ننديو آهي  جنهن ۾ هڪ صوبيدار ڪئين ٿو چورن کان ڏوھ باسرائي؟ اهڙا ته مزاحيه، دلچسپ ۽ حقيقت تي ٻڌل ڊائلاگ لکيا آهن جو ائين پيو محسوس ٿئي ته ماڻهو اتي ڄڻ موجود هجي ۽ چور ۽ صوبيدار جي وچ ۾ ٿيل سڄو انٽروگيشن ٻڌي لطف اندوز ٿي رهيو هجي.

"وقت جو نار” ڪهاڻي پوليس محڪمي جي ننڍڙي ملازم ڪاڪي سپاهي واري جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ سپاهي جا سڀ ڏک، ڏولاوا ۽ ڏاکڙا شامل آهن، هو ڪئين پنهنجي سموري زندگي ڏکن، سورن ۽ تڪليفن ۾ گذاري ٿو، جڏهن رٽائرمينٽ جي ويجهو پهچي ٿو ته کيس جمعدار مان ننڍي صوبيدار جو پروموشن ملي ٿو،وري آخري وقت ۾ جڏهن هو پنهنجي علائقي جي هڪ ڀوتار جو ناجائز چوڻ موٽائي ٿو ته کيس پنهنجي ئي پوليس محڪمي جو اعلي آفيسر بنا دير جي صوبيدار مان جمعدار ڪري ٿو ڇڏيس.

مطلب ته پوليس اداري جهڙي ويل ڊسيپلينڊ ڊپارٽمينٽ ۾ به سياسي اثررسوخ هن اداري جو ٻيڙو ٻوڏي ٿو ڇڏي ۽ سياڻن جي اها چوڻي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا سچ ثابت ٿي، هميشه ننڍي عهدي وارو ملازم سدائين سورن ۾ ئي آهي. "ڳاڙهي فراڪ” هي ڪهاڻي غربت سٽيل گهر جي ڪهاڻي آهي جتي هڪ يتيم ڇوڪري ڳاڙهي فراڪ پائڻ لاءِ وڏي خواهش رکي ٿي، جوان اولاد جي خوشي ۽ خواهش پوري ڪرڻ خاطر جتي هن جي ماءُ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي، پر کيس اندر ئي اندر ۾ پڇتاءُ ۽ شرمساري وارو عالم جاڳي پئي ٿو ۽ پوءِ هو بالاخر صبر ڪري ويهي ٿي، چوندا آهن ته صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي، ائين نيٺ قدر طرفان کيس اهو ئي گاڙهي فراڪ وارو وڳو مفت ۾ تحفي طور ملي وڃي ٿو، جنهن تي ٻئي ڌيئر ۽ ماءُ رب جو شڪريو ادا ڪن ٿيون.

جڏهن مرشد پاڻ بيمار ٿئي ٿو ته هو ڪراچي جي وڏين ۽ مهانگين اسپتالن مان علاج وٺي ٿو، باقي مريد کي روايتي سڳي ڌاڳي ۽ ڦيڻي ذريعي علاج ڪيو وڃي ٿو،جتان زبردستي مريدن کي شفاياب ۽ صحتياب ڪرايو وڃي ٿو.

"72 ڪلاڪ” واري ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ننڍن ننڍن مسئلن کي ترت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي اجائي جوش ۾ اچي هوش نه وڃائجي جو ماڻهو گهڻي ۾ پئجي وڃي جو کيس جيل واري زندگي گذارڻ کان پوءِ سزاءِ موت واري نوبت تائين پهچڻو پوي، ننڍڙي غلطي جي ڪري ماڻهو کي وڏي سزا جو مستحق ٿيڻو پوي.

"مس ڪال” ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار ڪئين عاشق مزاج ماڻهن جو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن جي چنبي تائين پهچڻ جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ ڌاڙيل اهڙي ڊمانڊ ڪن ٿا جو ماڻهو کي پنهنجي گهر جو الهه ٿلهه وڪڻڻو پوي ٿو ۽ آخر ۾ سخت غربت ۽ ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو. مجموعي طور تي ڪهاڻيڪار جملي ڪهاڻين جو انجام زميني حقيقتن کي سامهون رکي سائنسي انداز ۾ موثر ۽ مثبت طريقي سان ٻڌايو آهي. هي ڪتاب ٽکڙ پبليڪيشن، ٽنڊو محمد خان، ساحل پرنٽر حيدرآباد طرفان شايع ٿيو آهي جيڪو 600 روپين جي قيميت سان سنڌ جي سڀني ڪتاب گهرن تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.