ايران-آمريڪا ڳالهين جو حصو ناهيون، اسان جو ڌيان پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ تي کُتل آهي: قطر

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته هو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ واري ڪوششن جو حصو ناهي.
هڪ پريس بريفنگ دوران قطري پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر ماجد الانصاري جو چوڻ هو ته ”اسان جو ڌيان پنهنجي ملڪ تي ٿيندڙ حملن جي خاتمي ۽ پنهنجي ڌرتي جي بچاءَ تي کتل آهي.“
کائنس پڇيو ويو ته ڇا نار ملڪن تي حملن کانپوءِ ايران سان نارمل لاڳاپا اڃا به ممڪن آهن؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ” اسان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ تبديل نٿا ڪري سگهون.“
جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين واري معاملي تي سندس چوڻ هو ته ” انهن ڳالهين ۾ جيڪي شامل آهن، اهو سوال توهان انهن کان پڇو. مان اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته اسان ڳالهين واري عمل ۾ شامل ناهيون.“
ڊاڪٽر ماجد الانصاري وڌيڪ چيو ته خميس کانپوءِ هينئر تائين ايران قطر تي ڪو به ميزائل يا ڊرون حملو ناهي ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ”گذريل ڀيري جڏهن مان هن پوڊيم تي بيٺو هوس، ان کان سست ئي ٻه حملا ٿيا هئا ۽ هاڻي به ايران اسان جي پاڙيسرين تي حملا ڪري رهيو آهي.“
ترجمان واضح ڪيو ته ”اسان پنهنجو دفاع ڪيو آهي، قطر تي هينئر تائين 200 کان وڌيڪ ڊرون حملا ٿي چڪا آهن ۽ ردِعمل ڏيڻ اسان جو حق آهي، پر اڃا تائين ان حوالي سان ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.