اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان رابطن ۽ سفارتي طريقن سان وچ اوڀر ۽ نار ملڪن ۾ جاري تڪرار جي نبيري لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن عالمي ميڊيا تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين ۽ پاڪستان جي ”ٽياڪڙ“ طور ڪردار ادا ڪرڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
طاهر اندرابي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امڪاني ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار جي نه تصديق ڪئي ۽ نه ئي ترديد ڪئي، پر سندس چوڻ هو ته ”سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي گهرج آهي ته اڪثر معاملن تي خاموشيءَ سان اڳتي وڌجي.“
You might also like