لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اهم فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ حق مهر جي ادائيگي جو وقت مقرر نه هجي ته مڙس زال جي مطالبي تي فوري طور ادائيگي جو پابند هوندو.
جسٽس عابد حسين چٺا 6 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪندي فاطمه بي بي جي درخواست منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ هن خرچ پکي، ڏاج ۽ 5 تولا سون جي برابر حق مهر جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو هو.
عدالت ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو، جنهن ۾ حق مهر جي ادائيگي کان انڪار ڪيو ويو هو ۽ فاطمه بي بي جو حق مهر بحال ڪري ڇڏيو.
ان کان اڳ فيملي ڪورٽ مڙس کي ماهوار 5 هزار رپيا خرچ پکو ۽ حق مهر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته ڏاج جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي هئي، پوءِ اپيلٽ ڪورٽ خرچ پکو برقرار رکيو، ڏاج جي حوالي سان جزوي رليف ڏيندي ڪجهه شيون يا 2 لک 50 هزار رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر حق مهر جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي هئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته زال حق مهر جي حقدار رهندي آهي، ڀلي شادي برقرار هجي يا ختم ٿي وڃي.
عدالت خرچ پکي ۽ ڏاج بابت اپيلٽ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو پر حق مهر جي حوالي سان فيصلو غلط قرار ڏيندي فيملي ڪورٽ جو حڪم بحال ڪري ڇڏيو.
You might also like