پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان اعلان ڪيو آهي ته اسان جو ملڪ ڪڏهن به جوهري هٿيار ختم نه ڪندو ۽ ايٽمي قوت کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو رهندو.
سپريم پيپلز اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪم جونگ ان چيو ته اتر ڪوريا پنهنجي جوهري صلاحيت وڌائيندو ۽ دشمن قوتن خلاف پنهنجي جدوجهد تيز ڪندو.
هن چيو ملڪ جو آئين به ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته دفاعي جوهري قوت کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي.
ڪم جونگ ان آمريڪا تي سخت تنقيد ڪندي الزام هنيو ته اهو سڄي دنيا ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اتر ڪوريا کي باضابطا طور سڀ کان دشمن رياست قرار ڏينداسين ۽ ان سان ڪنهن به قسم جي مفاهمت نه ڪنداسين.
ڪم جونگ ان چيو ته جيڪڏهن اتر ڪوريا خلاف ڪو به قدم کنيو ويو ته بي رحماڻو جواب ڏنو ويندو.
You might also like