چنائي (ويب ڊيسڪ) ذاتي سببن جو بنياد ڄاڻائي پاڪستان سُپر ليگ تان هٿ کڻندڙ آسٽريلوي فاسٽ بالر انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز چنائي سپر ڪنگز (سي ايس ڪي) سان معاهدو ڪري ورتو.
چنائي سپر ڪنگز زخمي نيٿن ايلس جي جاءِ تي آسٽريليا جي ليفٽ آرم فاسٽ بالر اسپينسر جانسن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب، اسپينسر جانسن سان معاهدو ڏيڍ ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ طئي ٿيو آهي.
واضح رهي جڏهن ته ايلس 11 مارچ تي علائقائي ون ڊي ڪپ جي فائنل دوران هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿيڻ سبب ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، 30 ورهين جو اسپينسر جانسن آسٽريليا لاءِ 5 ون ڊي ۽ 8 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي چڪو آهي، جڏهن ته مجموعي طور 71 ٽي ٽوئنٽي ميچن جو تجربو رکي ٿو.
هو گذريل سال آءِ پي ايل کانپوءِ پٺي جي انجري سبب بگ بيش ليگ ۽ 2026 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به نه کيڏي سگهيو هو.
جانسن اڳ ۾ آءِ پي ايل ۾ گجرات ٽائٽنس ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
سال 2024 ۾ گجرات ٽائيٽنز کيس 10 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو هو، جڏهن ته 2025 ۾ ڪي ڪي آر 2.80 ڪروڙ ۾ شامل ڪيو، پر هو ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.
ٻئي پاسي ايلس کي سي ايس ڪي 2 ڪروڙ رپين ۾ برقرار رکيو هو، جيتوڻيڪ هن 2025 واري سيزن ۾ رڳو هڪ ميچ کيڏي هئي.
هاڻي سي ايس ڪي جي فاسٽ بالنگ لائين اپ ۾ ميٽ هينري، جيمي اورٽن ۽ زيڪ فالوڪس شامل آهن، جڏهن ته ڀارتي بالرن ۾ خليل احمد، انشول ڪمبوج، گرجپنيت سنگهه ۽ مڪيش چوڌري پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن.