حيدرآباد جي پاساکي 13 کوهه مان تيل جي پيداوار شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) او جي ڊي سي ايل سنڌ جي ضلعي حيدرآباد ۾ پاساکي-13 کوهه مان تيل جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي.
پاساکي-13 پاڪستان جو پهريون ڪامياب هوريزونٽل تيل جو کوهه آهي، جنهن مان روز 460 بيرل تيل جي پيداوار حاصل ٿي رهي آهي.
کوهه جي 2966 ميٽر اونهائي تائين ڊرلنگ مڪمل ڪئي وئي، جديد ٽيڪنالاجي سان 546 ميٽر سائيڊ ٽريڪ کوٽائي ڪئي وئي، نئين ڊرلنگ ٽيڪنڪ سان تقريبن ٽيڻ تي پيداوار حاصل ٿي آهي.
منصوبي سان ملڪ ۾ تيل جي پيداوار ۾ واڌ ۽ توانائي ۾ بهتري ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.