پاڪستاني ايڪشن فلم ”بلها“ ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڪروڙ ڪمائي ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ”بلها“ ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا.

رپورٽ موجب ايڪشن، ٿرل ۽ ايڊوينچر سان ڀريل پاڪستاني فلم ”بلها“  ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڪروڙ رپيا ڪمايا آهن.

پاڪستاني مشهور اداڪار شان شاهد جي فلم ”بلها“ ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڪروڙ 36 لک رپين جو بزنس ڪيو آهي، پهرين ڏينهن پنجويهه هزار کان وڌيڪ ماڻهن فلم ڏٺي.

يو اي اي ۾ فلم پهرين ڏينهن هڪ لک 10 هزار درهم ۽ ٻئي ڏينهن هڪ لک 20 هزار درهم جو بزنس ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.