تاريخي لاٿ کانپوءِ ٻئي ڏينهن سون وري هزارين رپيا چڙهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ تاريخي لاٿ کانپوءِ اڄ هڪ ڀيرو وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 16 هزار 300 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 4 لک 64 هزار 62 رپيا ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ ملڪ ۾ 10 گرام سون 13 هزار 975 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 97 هزار 858 رپين جو ٿي ويو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ تاريخي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي هئي، ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ سون 43 هزار 600 رپيا سستو ٿيو هو.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون163 ڊالر واڌ سان 4413 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.