ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪا جا پويان پير، وچ اوڀر ۾ امن جي اميد

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي پاور پلانٽن ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي تي امڪاني فوجي حملا 5 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايران سان انتهائي هاڪاري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن جو مقصد وچ اڀرندڙ ۾ جاري ڪشيدگي جو حتمي حل ڳولڻ آهي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته انهن تفصيلي ۽ تعميري ڳالهين کي نظر ۾ رکندي هن دفاعي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ايران جي بجلي گهرن خلاف ڪنهن به فوجي ڪارروائي کي 5 ڏينهن لاءِ روڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته حملن جي معطلي جو دارومدار جاري ڳالهين جي ڪاميابي تي هوندو، جيڪي سڄو هفتو جاري رهنديون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا ٻئي معاهدو (ڊيل) ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هن حوالي سان اسرائيل سان به ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي، جيڪو تازي اڳڀرائي تي خوش آهي. فلوريڊا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ايران پاڻ ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ايران کي پنهنجي جهازن تي موجود تيل وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ موجب، ايران سان معاملا انتهائي بهتر نموني اڳتي وڌي رهيا آهن. آمريڪي وفد، جنهن ۾ اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر شامل هئا، ايراني نمائندن سان انتهائي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدو ايندڙ 5 ڏينهن يا ان کان به اڳ ٿي سگهي ٿو. ٽرمپ چيو ته ڳالهين ۾ 15 نڪتا شامل آهن، جن ۾ سڀ کان اهم نڪتو اهو آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندا. جيڪڏهن ڊيل ٿي ته ايران جو افزوده يورينيم آمريڪا پنهنجي استعمال ۾ آڻيندو. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا بي-52 بمبارن ذريعي حملو نه ڪري ها ته ايران ڪجهه ئي هفتن ۾ ايٽمي هٿيار تيار ڪري وٺي ها. ايراني قيادت بابت ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آيت الله خامنه اي قتل ٿي چڪو آهي ۽ هو سندس پٽ (مجتبيٰ خامنه اي) کي ليڊر نٿو مڃي. هن چيو ته سندس ڳالهه ٻولهه ايران جي هڪ ”قابل احترام ليڊر“ سان ٿي آهي، پر هو اهو نٿو ڄاڻي ته نئون ايراني سپريم ليڊر جيئرو آهي يا نه. آمريڪي فوجن جي ايران ۾ داخلا بابت سوال تي ٽرمپ چيو ته هو پنهنجي حڪمت عملي تي اڳواٽ ڳالهه ٻولهه نه ڪندو آهي. ان کان اڳ ايران پاران سخت وارننگ ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي پاور نيٽ ورڪ کي نشانو بڻايو ته ايران جواب ۾ اسرائيلي پاور پلانٽن ۽ نار وارن ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن جي بجلي گهرن تي حملو ڪندو. ٽرمپ ايران کي آبنائي هرمز کولڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جي ڊيڊ لائن ڏني هئي جيڪا ختم ٿي رهي هئي. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايران سان ڊگهيون ڳالهيون ڪيون آهن، منهنجي سڄي عمر ڳالهيون ڪندي گذري  آهي، هن ڀيري سنجيده ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

تل ابيب/تهران (م ڊ) ايران پاران اسرائيل تي ميزائل حملن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جي ڏکڻ ۽ وچين علائقن ۾ وڏي پيماني تي تباهي جا اطلاع مليا آهن. اسرائيلي ۽ آمريڪي دفاعي نظام ايراني ميزائلن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويا آهن. تيل ابيب، ايلات، بيرالسبع ۽ عراد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ درجنن عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون آهن. هڪ ڏينهن اسرائيلي ايٽمي مرڪز ويجهو حملي ۾ زخمي ٿيل 12 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  ايران ۽ حزب الله اسرائيل تي گڏيل حملن ۾ شدت آڻي ڇڏي آهي، جتي اسرائيلي دفاعي نظام ميزائلن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻئي طرف يو اي اي جي علائقي ”الشام“ ۾ ميزائل ڪرڻ سبب هڪ ڀارتي شهري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سعودي عرب پڻ ميزائل ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايراني ميڊيا هڪ پلانٽ جي وڊيو جاري ڪئي آهي جتي ڊرون تيار ڪيا ويندا هئا، جنهن کي آمريڪا نشانو بڻايو هو. آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي بندرگاهه واري شهر بندر عباس ۾ ”پرشين گلف سينٽرل براڊڪاسٽنگ ڪمپني“ جي ٽرانسميٽر کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ هڪ ملازم شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ايران اندر هٿيارن جي ذخيري ۽ تيار ڪرڻ واري مرڪز کي به نشانو بڻايو آهي. جنگ جو دائرو عراق ۽ لبناني سرحد تائين پکڙجي ويو آهي. عراق جي ويڙاهڪن ”اصحاب الڪهف“ اربيل ۾ موساد جي آفيس تي ڊرون حملي جي دعويٰ ڪئي آهي. هوڏانهن اسرائيلي فوج ڏکڻ لبناني علائقي ناقوره تي اڇي فاسفورس بمن سان گولاباري ڪئي آهي، جتي حزب الله ۽ اسرائيلي فوج جي وچ ۾ آمهون سامهون ويڙهه جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.