سنڌي ادبي بورڊ ۽ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو

تحرير: ذوالفقار راڄپر

                   مخدوم طالب الموليٰ جهڙي شاعر ۽ ڪتاب دوست گهراڻي جو هڪ فرد مخدوم سعيد الزمان سنڌي ادبي بورڊ جو ٽيون دفعو چئن سالن لاءِ چيئرمين مقرر ٿيو آهي، جيڪا ڳالهه هن جي ذاتي شخصيت، ڪٽنب ۽ دوستن لاءِ اعزاز مثل هوندي. پر اصل مسئلو اهو آهي، ان عهدي تي سندس  ٽي ڀيرا ٿيل مقرري باوجود هنن جي ٽنهي دورن ۾ ليو ٽالسٽاء جي ڪتاب ” نيٺ ڇا ڪجي”، ميڪسم گورڪي جي ننڍپڻ ،جادو ۽ سائنس وغيره جهڙا ڪتاب، سنڌ جي تاريخ، عالمي تاريخ، سنڌي ادب ۽ عالمي ادب جي ترجمن جا ڪهڙا منفرد ڪتاب شايع ٿيا آهن، سرتيون، مهراڻ ميگزين سسي ڪٿي گم ٿي ويا آهن. ان متعلق مخدوم صاحب کي پنهنجي اداري جي تفصيلي رپورٽ جاري ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها ڳالهه ثابت ٿئي ته هن جي ٽيون دفعو مقرري هن جي قابليت ۽ اداري جي بهترين ڪارڪردگي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بنيادي مقصدن تحت ٿيندي آهي يا حڪومتي آشيرواد تحت؟ ان جو جواب کيس ئي ڏيڻ گهرجي، مان في الحال هتي هڪ اهم ڪتاب ۽ مسئلي جو ڌيان سنڌي ادبي بورڊ جي ٽيون دفعو پنجن سالن لاءِ  مقرر ٿيل چيئرمين مخدوم سعيد الزمان کي ڏيارڻ چاهيان ٿو ته لاڙڪاڻو کان وٺي سکر، بدين ۽ ٿر، دادو، حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين سنڌ جي وڏن ۽ اهم ضلعن جي ماضيءَ، حال جا لکيل گزيٽيئر ،سنڌ گزيٽيئر کي شايع ٿيڻ گهرجي، لاڙڪاڻي ضلعي جي جوڙيل تاريخي ڪائونسل جي رهيل ڪتابن کي شايع ٿيڻ گهرجي، لاڙڪاڻي ضلعي جي سموري تاريخ ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ، شخصيتن، ماڳن مڪانن ،فصلن ۽ ادبي تاريخ، سياسي تاريخ، ماضيءَ جي سياست تي هڪ وڏو ڪتاب ” لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” لاڙڪاڻو جي هڪ ادبي، سياسي، ۽ ماڳن مڪانن سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ شهر جي ڄاتل سڃاتل شخصيت گل محمد گاد جي سخت پورهئي ۽ محنتن سان 80 جي ڏهاڪي جي پهرين ڪجهه سالن ۾ هڪ وڏو اهم ڪتاب شايع ٿيو هو، جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي جي اندر اهم شخصيتن ۽ شهرين پنهنجي ساھ ۾ سانڍي رکيو

 اهو ڪتاب ڏسندي ڏسندي غائب ٿي ويو، پر هن جي گهرج وڌندي رهي آهي ۽ ڪتاب لاءِ سائين گل محمد گاد جي گهر جو ڪڙو تيزي سان کڙڪندو رهيو، هن سان گڏ هن جي شهر جي متحرڪ پٽ جميل گاد، لطيف گاد کان پڻ هن ڪتاب جي گهرج ٿيندي رهي آهي، مان ۽ شايد منھنجي وڏي ڀاءُ ۽ لاڙڪاڻو جي تاريخ سان محبت ڪندڙ ان تي لکندڙ لياقت علي راڄپر به گل محمد گاد کي بار بار اها راءِ ڏني ته اهو ڪتاب ٻيهر لاڙڪاڻي جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ميونسپل ڪارپوريشن، يا سنڌ اسيمبليءَ جي نمائندي، وزير يا وزيراعظم صاحبه کي کي ان نيڪ ۾ اڳتي اچڻ گهرجي، پر افسوس ته هاشم ميمڻ جھڙو ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر يا ڪو پڙهيل لکيل تاريخ ادب دوست وزير يا وزيراعظم پئدا نه ٿي سگهيو ۽ گل محمد گاد جي اها شديد خواهش هئي ته لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ڪتاب ٻيهر ڇپجي اچي ۽ هن جي در جي ڪڙي جي کڙڪڻ جو آواز گهٽجي وڃي، هن جي ذاتي مالي حيشيت چيمبرس آف ڪامرس جي عهديدارن يا وزيرن ۽ وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ٻه دفعا ويهڻ وارن جيتري نه هئي جو هو خود اڪيلي سر اهو ڪتاب آڻي سگهي ها، نه ئي شهر جي امير ترين يا وچين ڪلاس جي اديبن، شاعرن ليکڪن يا تاريخ سان محبت ڪندڙن ۾ شعور ۽ علم متعلق ذهني اڏام موجود هئي، جيڪي پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي حيشيت آهر پئسا ڪڍي ڪتاب شايع ڪرائن ها، پر اهو ڪم ٿي نه سگهيو.

 سائين گل محمد گاد پنهنجي صحت مند زندگيءَ ۽ بيماري جي بستري تي وڃڻ بعد به لاڙڪاڻي جي عاشقي ۽ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جي ٻيهر ڇپجڻ جي شمع ٻاريل ئي رکي ،پر افسوس ته ڪو لاڙڪاڻي جو پروانو پيدا نه ٿي سگهيو جيڪو ٻريل شمع ۾ سڙڻ لاءِ تيار ٿئي ها. وري به شابس آهي ته پنهنجي والد ۽ لاڙڪاڻو شهر سان محبت ڪندڙ هڪ ٻئي پٽ لطيف گاد کي جنهن پنهنجي والد جي زندگي ۾ ئي ڪتاب جي ڪمپوزنگ پاڻ يا ٻي ڪنهن کان ڪرائيندو رهيو ته شايد سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻوليءَ جي اٿارٽي ان نيڪ ڪم جي رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ رابطو ڪندو، شايد هن جي سنڌي ادبي بورڊ ۽ مخدوم سعيد الزمان سان ڳالهه ٻولهه به ٿئي هئي ۽ کيس وڏي اميد هئي ته هن جي والد جي زندگيءَ ۾ ئي سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب شايع ڪرائيندو پر اداري طرفان هر دفعي بجيٽ جي کوٽ جو جواز لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جي ڇپائي آڏو کير ٿر جي جبلن جيان موجود رکيو ويو، جڏهن ته اسان مان هر هڪ کي خبر آهي ته اهو جواز اهم ۽ طاقتور نه هو، افسوس ته گل محمد گاد ڪتاب جي ٻيهر ڇپائي جي حسرت دل ۾ سانڍي اسان سڀني کان جدا ٿي ويو

 هاڻي جڏهن مخدوم سعيد الزمان کي ٽيون دفعو چئن سالن لاءِ چيئرمين ٿيڻ جو موقعو مليو آهي ته هو گل محمد گاد جي ڪتاب کي شايع ڪرڻ جي ڪم کي اوليت جي بنياد تي اهميت ڏيندو، جيڪو ڪم هن اداري لاءِ ڪافي سولو آهي، جنهن وٽ پريس ۽ افرادي قوت به موجود آهي، لاڙڪاڻي ضلعي شهر سميت سموري سنڌ ۽ ٻين ملڪن جي  دنيا ۾ آباد لاڙڪاڻ جنم ڀومي ،تاريخ ،ماڳن مڪانن ۽ پراڻين يادگيرين سان لڳاءُ رکندڙ مردن عورتن شاگردن کي پڻ سنڌي ادبي بورڊ کي مشورو ڏيڻ گهرجي ته لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جهڙي ڪتاب جي تيار مسودي کي شايع ڪرائي پنهنجي ذاتي شخصيت ۽ اداري جي ڪارڪردگيءَ ۾ چار چنڊ لڳائي، پئسو، عهدو ۽ صحت مڪمل طور وفادار نه ٿا رهن. ان ڪري وقت سر بهتر ڪم ڪرڻ گهرجن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.