ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي سون جي اگهه ۾ وڏي پيماني تي لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي لاٿ ٿي آهي.
عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي پيماني تي لاٿ ٿي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 436 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 250 ڊالرن جي سطح تي اچي ويو.
مقامي مارڪيٽ ۾ في سولو سون 43 هزار 600 رپين جي تاريخي لاٿ کانپوءِ 4 لک 47 هزار 762 رپين ٿي ويو، جڏهن ته 10 هزار سون 37 هزار 380 رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 83 هزار 883 رپين جو ٿي ويو آهي.
You might also like