لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل 11 جون ميچون رڳو ڪراچي ۽ لاهور ۾ بنا تماشائين جي ڪرائڻ ۽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته ايونٽ شيڊيول موجب 26 مارچ کان شروع ٿيندو پر بچت پاليسي ٽورنامينٽ رڳو ٻن شهرن ۾ ۽ تماشائين جي بنا ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شوقينن کان معذرت ڪيون ٿا، ٽڪيٽن جا پيسا واپس ڏنا ويندا.
هن چيو ته خطي جي صورتحال سبب وزيراعظم بچت پاليسي جو اعلان ڪيو هو، ٽورنامينٽ جو نئون شيڊيول ڏينداسين، جنهن ۾ رانديگرن جي چرچر گهٽ کان گهٽ رکي ويندي.
سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل هڪ انٽرنيشنل برانڊ آهي، جنهن ۾ پرڏيهي رانديگر به شامل آهن، ايونٽ ملتوي ڪرڻ ممڪن نه هو، ڇو ته اڳتي ڪا ونڊو دستياب ناهي، فرنچائز کي گيٽ مني پي سي بي ڏيندو، ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ عالمي ڪرڪيٽر هڪ ٻه ڏينهن ۾ اچڻ شروع ٿي ويندا.
محسن نقوي چيو ته جيستائين بحران آهي ماڻهن کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت نه هوندي، حالتون معمول تي اچي ويون ته اجازت ڏينداسين، خبر ناهي ته جنگ ڪيستائين هلندي، حڪومت سبسڊي نه ڏئي ها ته ڊيزل 500 کان مٿي هليو وڃي ها.
پي ايس ايل مقابلا رڳو ڪراچي ۽ لاهور تائين محدود، افتتاحي تقريب رد، تماشائي به گرائونڊ نه ايندا
You might also like