واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي اڳوڻي بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ سي آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ليون پنيٽا چيو آهي ته ايران سان ٽن هفتن کان جاري جنگ بعد صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳيان کوهه ۽ پويان کاهيءَ واري صورتحال ۾ ڦاسي چڪو آهي.
برطانوي اخبار سان ڳالهائيندي ليون پنيٽا ٽرمپ جي جنگي حڪمت عملي تي تنقيد ڪندي چيو ته ٽرمپ ٺوس منصوبابندي بدران خيالي سوچ تي ڀاڙي رهيو آهي، ٽرمپ کي اهو گمان آهي ته سندس بيان حقيقت بڻجي ويندا، جيڪو هڪ غير سنجيده رويو آهي.
هن چيو ته آيت الله علي خامنه اي جو قتل هڪ وڏي غلطي ثابت ٿيو، ڇو ته ان سان ڪنهن عوامي بغاوت بدران هڪ وڌيڪ سخت موقف رکندڙ قيادت سامهون آئي.
ليون پنيٽا حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪي انتظاميا ايران طرفان آبناءِ هرمز بند ڪرڻ جي امڪان کي ڏسندي اڳواٽ تياري نه ڪئي، توڙي جو اهو خطرو سدائين قومي سلامتي جي اجلاسن ۾ بحث هيٺ رهيو.
هن چيو ته ٽرمپ هن وقت اهڙي صورتحال ۾ آهي، جتي ايران جي آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول سبب جنگبندي ممڪن ناهي ۽ آمريڪا وٽ هاڻ رڳو اهو رستو رهجي ويو آهي ته هو ايراني سامونڊي دفاعي نظام کي نشانو بڻائي ۽ تيل بردار جهازن کي پاڻ رستو فراهم ڪري، جيتوڻيڪ ان سان جنگ ۾ شدت ۽ جاني نقصان جو خدشو وڌي ويندو.
ليون پنيٽا ٽرمپ طرفان ايران ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي آمريڪي حملي تي معافي نه گهرڻ کي عالمي سطح تي آمريڪا جي ناڪاري تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب قرار ڏنو.
You might also like