ايران جي خوفناڪ حملن نيتن ياهو کي پريشان ڪري ڇڏيو، اسرائيل ۾ تعليمي ادارا بند

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ديمونا ۽ عراد ۾ ايراني حملن تي پريشان ٿي ويو.
سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي نيتن ياهو چيو ته اسرائيل لاءِ هڪ انتهائي ڏکي شام آهي، ان باوجود دشمن تي حملا جاري رکنداسين، هيءَ اسان جي مستقبل جي جنگ آهي.
هوڏانهن ديمونا ۽ عراد تي ايران جي خوفناڪ حملن کانپوءِ سڄي اسرائيل ۾ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.
اسرائيل جي تعليم واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته آچر ۽ سومر ڏينهن ڪو شخص جسماني طور ڪنهن تعليمي اداري ۾ نه وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.