ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ايران آمريڪا ۽ ارسائيل جي عزمن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، جنهن تي ايراني قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.
صحافين سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته هڪ پاسي عيد جون خوشيون، ٻئي پاسي غزا جو عوام بي گهر آهي، غزا جي ٻارن ۽ مجاهدن کي سلام پيش ڪيون ٿا، جن ملبي جي ڍير تي عيد گذاري.
هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن کي چوان ٿو ته ايران جي حملن جي مذمت ڪن، ايران جي ليڊر شپ کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، آمريڪا ايران ۾ رجيم چينج ڪرڻ چاهي پر هاڻ رجيم چينج اولهه ۾ ٿيڻ واري آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ڀارت جي ٽرائيڪا دنيا جي امن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، عوامي سطح اتحاد موجود آهي پر حڪمران طبقي اتحاد نه ڪري امت کي ورهائي ڇڏيو آهي، مسلم امت کي هن وقت اتحاد جي ضرورت آهي.
You might also like