آمريڪا ۽ اسرائيل جو ايراني جوهري اثاثي نطنز تي حملو، فوجي ڪارروائي جي خاتمي تي غور پيا ڪيون: ٽرمپ

تهران + تل ابيب + واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل عيد جي ٻئي ڏينهن به ايران تي حملا جاري رکيا آهن ۽ جوهري اثاثي نطنز کي به نشانو بڻايو آهي.
ايراني ميڊيا نطنز تي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملي کانپوءِ نطنز تي تابڪاري جي اثرن جو اطلاع ناهي مليو ۽ ڀرپاسي جي رهواسين کي به ڪو خطرو ناهي.
ايران جي جوهري توانائي ايجنسي نطنز تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اها اين پي ٽي معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، اهو حملو جوهري تحفظ ۽ سيڪيورٽي بابت ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.
حملن جي 67هين لهر، ايران حيفا ۽ تل ابيب ۾ ڪيترين ئي جاين کي نشانو بڻايو
ايران اسرائيل تي ميزائل حملن جي 67هين لهر شروع ڪري ڇڏي، پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته اسرائيلي شهر حيفا ۽ تل ابيب جي 25 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
پاسداران انقلاب ٻڌايو ته اسرائيلي شهرن تي خرم شهر ۽ غدر ملٽي وار هيڊ ميزائل سان حملو ڪيو آهي.
ايران خبردار ڪيو آهي ته ايراني ٻيٽن تي ٻيهر حملو ٿيو ته امارات جي راس الخيمه کي نشانو بڻائينداسين.
هدف حاصل ڪرڻ جي ويجهو ۽ فوجي ڪارروائين جي خاتمي تي غور پيا ڪيون: آمريڪي صدر
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جڏهن آمريڪا چاهيندو ته اسرائيل ايران خلاف جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو.
هن چيو ته آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ مدد جي ضرورت پوندي، جيڪڏهن چين مداخلت ڪري ته سٺو ٿيندو، مان جنگبندي نٿو ڪرڻ چاهيان، اسان پنهنجي مقصدن جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.
سندس چوڻ هو ته اسان وچ اوڀر ۾ فوجي ڪارروائيون ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، جيڪي ملڪ آبناءِ هرمز استعمال ڪندا آهن، انهن کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻي پوندي، انهن ملڪن جي مدد ڪنداسين پر ان جي ضرورت نه پوڻ گهرجي.
اسان تي جنگ مڙهي وئي، جيستائين ضروري هوندي پنهنجي حفاظت جاري رکنداسين: عباس عراقچي
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اها اسان جي جنگ ناهي، اسان تي مڙهي وئي آهي، اسان دفاعي قدم کڻي رهيا آهيون، جيستائين ضروري هوندو پنهنجي حفاظت جاري رکنداسين.
جاپاني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته نٿو لڳي آمريڪا پنهنجي جارحيت ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنگ جي خاتمي لاءِ رڳو جنگبندي ڪافي نه هوندي.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران اسان تي حملو ڪيو ويو، آمريڪا ۽ اسرائيل جا جارحاڻا قدم غير قانوني، بنا جواز هئا، اسان کي جنگبندي قبول ناهي، ڇو ته اسان گذريل سال وارو منظرنامو ٻيهر ورجائڻ جي حق ۾ ناهيون، جنگ مڪمل ۽ مستقل طور ختم ٿيڻ گهرجي، ضمانت ڏني وڃي ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.