سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اڄ عيدالفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.
ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز لاءِ اجتماع ٿيا، جنهن ۾ مسلم امت ۽ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.
اسلام آباد ۾ عيدالفطر جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته لاهور جي بادشاهي مسجد ۾ ۽ ڪراچي جي مختلف مسجدن ۾ وڏا اجتماع ٿيا.
صدر آصف علي زرداري عيد نماز زرداري هائوس پشاور ۾ ادا ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ عيد نماز پڙهي.
سنڌ جي گورنر نهال هاشمي عيد نماز گورنر هائوس ۾ ادا ڪئي، جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد راولپنڊي ۽ مولانا فضل الرحمان ڊي آءِ خان ۾ عيد نماز پڙهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.