ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري عيدالفطر پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه ۾ ملهائيندو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين ديري ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندو.
ذريعن موجب، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سيوڻ شريف ۾ عيد ملهائيندو، جڏهن ته سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽنڊوڄام ۾ عيد ڪندو.
مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه روهڙي ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سکر ۾ عيد ملهائيندا.