ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن عيدالفطر جي موقعي تي مسلمانن کي مبارڪباد ڏني آهي.
روس جي مسجدن ۾ به اڄ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي وئي، جتي ماسڪو ڪيٿڊرل مسجد ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته عيد جو تهوار اخلاقي بلندي، رحم ۽ گڏيل همدردي جي علامت آهي.
هن چيو ته اسلامي ادارا خانداني نظام جي مضبوط ڪرڻ ۽ نوجوان نسل جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهي رياستي ۽ عوامي ادارن سان تعميري سهڪار ۽ ڊائيلاگ ۾ سرگرم آهن، جڏهن ته حب الوطن، تعليم، تربيت ۽ انساني همدردي تي ٻڌل قدمن ۾ به حصو وٺي رهيا آهن.