ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي راڄڌاني ابوظهبي مان ايراني حملن جون ويڊيوز شيئر ڪرڻ تي 109 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اماراتي اختيارين سوشل ميڊيا جي غلط استعمال تي زيور ٽالرنس جو اعلان ڪيو آهي، ابوظهبي پوليس جو چوڻ آهي گرفتار جوابدارن ڪوڙ ڄاڻ ذريعي عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، جوابدارن ائير ڊفينس سسٽم جون ويڊيوز شيئر ڪيون، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي جعلي ڌماڪن جون ويڊيوز پڻ تيار ڪيون.
رپورٽ موجب، اماراتي حڪومت جعلي ويڊيوز کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا تي جعلي ويڊيوز شيئر ڪرڻ تي هڪ سال قيد ۽ ڳرو ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو ۽ اماراتي اختيارين غير تصديق ٿيلمواد ۽ پوسٽس شيئر ڪرڻ بابت سخت وارننگ جاري ڪئي آهي.