مٺي ۽ اسلام ڪوٽ واقعا خودڪشي نه پر قتل آهن:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ۽ مرڪزي  اڳواڻ نور نبي پليجو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اسلام ڪوٽ جي نوجوان ڊاڪٽر راول راءِ ميگهواڙ ۽ مٺي اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي ڏکوئيندڙ موت سڄي سنڌ جي ضمير کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ۽ ڊاڪٽر راول جو موت ڪي عام واقعا ناهن پر هي پي پي ايڇ آءِ ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، ظلم ۽ ڪرپشن جو کليو ثبوت آهن. اڳواڻن چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ۽ ڊاڪٽر راول جو موت ڪا خودڪشي نه پر ادارتي قتل آهن. هنن قتلن جا پيرا پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪمرانن ۽ سندن پاليسين ڏانھن وڃن ٿا. سنڌ ۾ گذريل 17 سالن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي صحت کاتي کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.  پي پي ايڇ آءِ جهڙا ادارا جيڪي عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ آهن، اهي آفيسر شاهي ۽ ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ اقربا پروري جا اڏا بڻجي چڪا آهن. ڊاڪٽرن ۽ ٻين ملازمن کي عزت ۽ تحفظ ڏيڻ بدران انهن کي ذهني اذيت،  بدلين جون ڌمڪيون ۽ دٻاءَ ذريعي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر راول راءِ کي هڪ سال اندر بار بار ڏورانهن علائقن ۾ بدليون ڪرڻ، ٽرانسپورٽ جون سهولتون نه ڏيڻ ۽ انتظامي ٽارچر ڪرڻ صاف ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ حڪومت ملازمن کي انسان نه پر غلام سمجهي ٿي. وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هاڻي واقعي کي لڪائڻ لاءِ ڊاڪٽر کي ذهني مريض قرار ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جيڪا ظلم جي انتها آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر راول راءِ جي موت جو ذميوار پي پي ايڇ آءِ انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت آهي. ان واقعي ۾ ملوث آفيسرن خلاف فوري طور قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. پي پي ايڇ آءِ نظام جي مڪمل عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. صحت کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي. متاثر خاندان کي انصاف ۽ معاوضو ڏنو وڃي. پيپلز پارٽي سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي هر اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.