اسلام آباد/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير ۽ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني، آمريڪي انٽيليجنس چيف تلسي گبارڊ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جا ميزائل آمريڪا تائين پهچي سگهن ٿا. جليل عباس جيلاني چيو ته تلسي گبارڊ جو بيان حقيقت جي ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو ائٽمي پروگرام ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي رڳو ڏکڻ ايشيا، خاص ڪري ڀارت جي دفاعي مدافعت لاءِ مخصوص آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو مقصد سڄي دنيا ۾ طاقت جو اظهار ڪرڻ ناهي پر پنهنجي سلامتي جو تحفظ ڪرڻ آهي. ٻئي طرف، ترڪيه جي تجزيي نگار شائق الدين پڻ تلسي گبارڊ جي رپورٽ تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جا اهي بين البراعظمي ميزائل (ICBMs) جيڪي اڃا وجود ئي نٿا رکن، انهن کي آمريڪا لاءِ خطرو قرار ڏنو پيو وڃي. هن سوال اٿاريو ته ڀارت جو بين البراعظمي ميزائلن جو وڏو ذخيرو، جيڪو روس جي مدد سان مسلسل وڌي رهيو آهي، اهو آمريڪا کي خطرو ڇو نٿو لڳي؟ هن چيو ته هي يا ته پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن کي خطرو قرار ڏيڻ جي مثال آهي يا وري هڪ تمام ناقص تجزيو آهي.